حزقي ايل 42
42
1پوءِ هن مون کي اُتر واري رستي کان ڪڍي ٻاهرين ايوان ۾ آندو: ۽ جيڪا ڪوٺي انهي علحدي جاءِ جي آمهون سامهون هئي، ۽ جيڪا اُتر پاسي واري عمارت جي آمهون سامهون هئي، تنهن ۾ هن مون کي آندو. 2اُتر واري دروازي جي اڳيان ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ هئي. 3جيڪي ويهہ هٿ اندرين ايوان سان هئا، تن جي آمهون سامهون، ۽ ٻاهرين ايوان جي فرش بنديءَ جي آمهون سامهون، ٽئين طبقي ۾، ورانڊي جي سامهون ورانڊو هو. 4۽ ڪوٺين جي اڳيان اندرين پاسي ڏهن هٿن جيترو ڪشادو ميدان هو؛ ۽ هڪ هٿ جيترو موڪرو رستو هو ۽ انهن جا در اُتر ڏانهن هئا. 5هاڻي مٿيون ڪوٺيون ننڍيون هيون: ڇالاءِ جو انهن مان هيٺين ۽ وچين ڪوٺين کان وڌيڪ عمارت جو حصو انهن ورانڊن ۾ اچي ٿي ويو. 6ڇالاءِ جو انهن جا ٽي طبقا هئا، ۽ ايوانن جي پيلپاون وانگر انهن کي پيلپاوا ڪين هئا: تنهنڪري مٿين ڪوٺي وچين ۽ هيٺين ڪوٺيءَ کان سوڙهي هئي. 7۽ جيڪا ڀت ٻاهر ڪوٺين جي ڀرسان، ڪوٺين جي اڳيان ٻاهرين ايوان جي پاسي هئي، تنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي: 8ڇالاءِ جو ٻاهرين ايوان جي ڪوٺين جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ هيڪل جي اڳ ۾ هڪ سؤ هٿ هئا. 9۽ انهن ڪوٺين جي هيٺان، اُڀرندي پاسي، ٻاهرين ايوان مان، انهن ۾ وڃڻ لاءِ جاءِ هئي. 10اُڀرندي واري ايوان جي ڀت جي شڪم ۾ علحدي جاءِ جي اڳيان ۽ عمارت جي اڳيان ڪوٺيون هيون. 11۽ انهن جي اڳ وارو رستو ڏسڻ ۾ اهڙو هو جهڙو انهن ڪوٺين جو رستو، جي اُتر ڏانهن هيون؛ جهڙي سندن ڊيگهہ تهڙي سندن ويڪر هئي: ۽ انهن جا سڀ ٻاهر وڃڻ جا رستا، انهن جي نموني ۽ انهن جي درن موافق هئا. 12۽ رستي جي منهن تي، يعني جيڪو رستو ڪوٺين ۾ گهڙڻ واري هنڌان اُڀرندي جي بلڪل اڳيان هو، تنهن ۾ هڪڙو در هو، جو ڏکڻ پاسي وارين ڪوٺين جي درن جهڙو هو. 13تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي. 14جڏهن ڪاهن اُتي لنگهي اچن، تڏهن هو انهي پاڪ جاءِ مان نڪري ٻاهرين ايوان ۾ نہ وڃن، پر اُتي هو پنهنجا ڪپڙا رکن، جن ۾ هو خدمت چاڪري ڪن ٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن: ۽ هو ٻيا ڪپڙا پائي عام ماڻهن واري جاءِ جي ويجهو وڃن.
15هاڻي جڏهن هن اندريون گهر ماپي بس ڪيو، تڏهن هن مون کي انهي در جي رستي ٻاهر آندو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ انهي جي چوڌاري ماپ ڪرڻ لڳو. 16هن ماپ ڪرڻ واري ڪاني سان اُڀرندي پاسي ماپ ڪئي تہ چوڌاري ماپ پنج سؤ ڪانا ٿي. 17هن اُتر پاسي بہ ماپ واري ڪاني سان چوڌاري ماپ ڪئي تہ پنج سؤ ڪانا ٿي. 18ڏکڻ پاسي هن ماپ ڪئي تہ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ٿي. 19هو ڦري اُلهندي پاسي ويو ۽ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ماپيائين. 20هن چئني پاسن کان انهي جي ماپ ڪئي: انهي کي چوڌاري هڪڙي ڀت هئي، جنهن جي ڊيگهہ پنج سؤ ڪانا هئي، انهي لاءِ تہ جيڪي پاڪ هو تنهن کي عام کان ڌار ڪري.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
حزقي ايل 42: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: