حزقي ايل 35

35
1وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، پنهنجو رخ شعير جي جبل ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر، 3۽ اُن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي شعير جا جبل، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ توتي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس ۽ توکي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس. 4آءٌ تنهنجن شهرن کي غير آباد ڪندس ۽ تون ويران ٿيندين؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان. 5ڇالاءِ جو تو دشمني رکي آهي، ۽ پڇاڙيءَ واري بدڪاريءَ وقت، بني اسرائيل کي تو سندن مصيبت جي ترار جي حوالي ڪيو. 6تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي خون جي لاءِ تيار ڪندس، ۽ خون تنهنجي پٺيان پوندو؛ تو خون کان نفرت نہ ڪئي آهي، تنهنڪري خون تنهنجي پٺيان پوندو. 7انهي طرح شعير جي جبل کي آءٌ حيرت ۽ ويرانيءَ جو سبب ڪندس؛ ۽ جيڪو اُنهي مان لنگهندو، ۽ جيڪو موٽندو تنهن کي انهي کان وڍي ڇڏيندس. 8۽ آءٌ هنن جي جبلن کي سندس ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندس: تنهنجي ٽڪرين ۽ تنهنجي وادين ۾، ۽ تنهنجي سڀني نهرن ۾، جيڪي ترار سان ماريا ويندا سي ڪِرندا. 9آءٌ توکي هميشہ لاءِ ويران ڪندس ۽ تنهنجا شهر وري نہ وسندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 10تو چيو آهي تہ هي ٻہ قومون، ۽ هي ٻہ ملڪ منهنجا ٿيندا، ۽ اسين انهن جا مالڪ ٿينداسين، پر خداوند اُتي هو: 11تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي غيرت موجب هلت ڪندس، جا تو پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان ڪئي آهي؛ ۽ جڏهن آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس تڏهن آءٌ پاڻ کي هنن ۾ مشهور ڪندس. 12۽ تون ڄاڻندين تہ اسرائيل جي جبلن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر جون ڳالهيون تو ڪيون آهن، ۽ چيو اٿيئي تہ هو ويران آهن، ۽ اسان کي ڳهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، سي سڀ مون خداوند ٻڌيون آهن. 13۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن. 14خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن ساري زمين خوشيون ڪندي تڏهن آءٌ توکي ويران ڪندس. 15جيئن تو اسرائيل جي گهراڻي جي ميراث جي ويران ٿيڻ تي خوشيون ڪيون، تيئن آءٌ توسان ڪندس: اي شعير جا جبل، تون ويران ٿيندين، ۽ سڄو ادوم بہ، بلڪ اهو سڄو ملڪ، ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

حزقي ايل 35: SB62

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល