عاموس 6
6
1افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا! 2اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟ 3اوهين جو مصيبت جي ڏينهن کي پري ٿا ڪريو ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪرسيءَ کي ويجهو ٿا آڻيو؛ 4جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛ 5جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛ 6جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي. 7تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي. 8خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس. 9۽ هيئن ٿيندو تہ جي هڪڙي گهر ۾ ڏهہ ماڻهو باقي هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا. 10۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون. 11ڇالاءِ جو ڏس، خداوند حڪم ٿو ڪري، ۽ وڏي گهر ۾ ڦاٽ ۽ ننڍي گهر ۾ چيرون پئجي وينديون. 12گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو. 13اوهين جي نڪمي شيءِ تي خوشي ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا تہ اسان پنهنجي طاقت سان پنهنجي لاءِ سڱ هٿ نہ ڪيا آهن ڇا؟ 14تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عاموس 6: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: