عاموس 2
2
1خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ موآب جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن ادوم جي بادشاهہ جا هڏا ساڙي چُن ٺاهيو: 2پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو. 3۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.
4خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. 5پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.
6خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ: 7هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن. 8۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن. 9مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون. 10مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو. 11۽ مون اوهانجن پٽن مان نبي، ۽ اوهانجن جوانن مان نذيري اُٿاريا. خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، ائين ناهي ڇا؟ 12پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو. 13ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي. 14تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو: 15نڪي اُهو بيهندو جو ڪمان ٿو ڪم آڻي، ۽ جيڪو پيرن جو تکو آهي سو پاڻ کي بچائي نہ سگهندو، نڪي گهوڙي سوار پاڻ کي بچائي سگهندو. 16خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو بهادرن ۾ همت وارو آهي، سو انهي ڏينهن اُگهاڙو ڀڄي ويندو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عاموس 2: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: