1
مرقس 39:4-40
Hindu Sindi Bible NT
HSB
تنهن تي يسوع اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”شانت ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. پوءِ يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي وشواس نہ آهي؟“
ប្រៀបធៀប
រុករក مرقس 4:39-40
2
مرقس 41:4
پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“
រុករក مرقس 4:41
3
مرقس 38:4
يسوع ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“
រុករក مرقس 4:38
4
مرقس 24:4
يسوع اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.
រុករក مرقس 4:24
5
مرقس 26:4-27
يسوع وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”ايشور جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي سڌ ئي نہ ٿي پوي.
រុករក مرقس 4:26-27
6
مرقس 23:4
جيڪڏهن اوهان کي ڪن آهن تہ ٻڌي ڇڏيو.“
រុករក مرقس 4:23
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ