1
مرقس 36:14
Hindu Sindi Bible NT
HSB
هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
ប្រៀបធៀប
រុករក مرقس 14:36
2
مرقس 38:14
پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“
រុករក مرقس 14:38
3
مرقس 9:14
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اُتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
រុករក مرقس 14:9
4
مرقس 34:14
سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“
រុករក مرقس 14:34
5
مرقس 22:14
جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“
រុករក مرقس 14:22
6
مرقس 23:14-24
پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.
រុករក مرقس 14:23-24
7
مرقس 27:14
رستي تي يسوع پنهنجي ٻارهن سنتن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘
រុករក مرقس 14:27
8
مرقس 42:14
اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“
រុករក مرقس 14:42
9
مرقس 30:14
يسوع پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
រុករក مرقس 14:30
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ