1
مرقس 34:5
Sindhi Bible NT
SB62
تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.
ប្រៀបធៀប
រុករក مرقس 5:34
2
مرقس 25:5-26
۽ هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو، ۽ ڪيترن ئي طبيبن جي هٿان گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائين، ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ خرچي کپائي رهي هئي، ۽ فائدو تہ ڪونہ رسيو هوس پر اُٽلندو وڌيڪ بيمار ٿيندي ويئي،
រុករក مرقس 5:25-26
3
مرقس 29:5
۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.
រុករក مرقس 5:29
4
مرقس 41:5
۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.
រុករក مرقس 5:41
5
مرقس 35:5-36
اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي: هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک.
រុករក مرقس 5:35-36
6
مرقس 8:5-9
ڇالاءِ جو هن چيو هوس، تہ اي ڀوت، هن ماڻهوءَ مان نڪري اچ. پوءِ پڇيائينس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيس تہ منهنجو نالو لشڪر آهي؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻا آهيون.
រុករក مرقس 5:8-9
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ