1
مرقس 13:13
Sindhi Bible NT
SB62
۽ منهنجي نالي جي ڪري سڀيئي ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا: پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.
ប្រៀបធៀប
រុករក مرقس 13:13
2
مرقس 33:13
خبردار، جاڳندا ۽ دعا گهُرندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ اُهو وقت ڪڏهن ايندو.
រុករក مرقس 13:33
3
مرقس 11:13
۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح.
រុករក مرقس 13:11
4
مرقس 31:13
آسمان ۽ زمين گذر ڪري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن بہ نہ ٽرندو.
រុករក مرقس 13:31
5
مرقس 32:13
پر انهي ڏينهن يا اُنهيءَ گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نہ آسمان جي ملائڪن کي، نڪي پٽ کي، پر فقط پيءُ کي.
រុករក مرقس 13:32
6
مرقس 7:13
۽ جڏهن اوهين جنگين جون ڳالهيون ۽ جنگين جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ؛ اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.
រុករក مرقس 13:7
7
مرقس 35:13-37
تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ گهر جو مالڪ ڪڏهن سانجهيءَ يا اڌ رات جو، يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل، يا صبح جو ٿو اچي. ائين نہ ٿئي جو هو اوچتو اچي اوهان کي سُتل ڏسي. جيڪي آئون اوهان کي چوان ٿو، سو سڀني کي ٿو چوان، تہ سجاڳ رهو.
រុករក مرقس 13:35-37
8
مرقس 8:13
ڇالاءِ جو قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، ڪيترن ئي هنڌ ڌرتي ڌٻندي، ۽ ڏڪار پوندا: اِهي ڳالهيون مصيبت جي شروعات آهن.
រុករក مرقس 13:8
9
مرقس 10:13
۽ سڀني قومن ۾ ضرور پهريائين انجيل جي منادي ڪئي ويندي.
រុករក مرقس 13:10
10
مرقس 6:13
گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان؛ ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.
រុករក مرقس 13:6
11
مرقس 9:13
پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.
រុករក مرقس 13:9
12
مرقس 22:13
ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن.
រុករក مرقس 13:22
13
مرقس 24:13-25
پر اُنهن ڏينهن ۾ انهيءَ مصيبت کان پوءِ سج ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو؛ ۽ تارا آسمان مان ڪِرندا، ۽ جيڪي طاقتون آسمان ۾ آهن سي لُڏي وينديون.
រុករក مرقس 13:24-25
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ