1
متي 41:26
Sindhi Bible NT
SB62
جاڳندا رهو ۽ دعا گهرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: بيشڪ روح تہ تيار آهي مگر جسم ضعيف آهي.
ប្រៀបធៀប
រុករក متي 26:41
2
متي 38:26
تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.
រុករក متي 26:38
3
متي 39:26
۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.
រុករក متي 26:39
4
متي 28:26
ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.
រុករក متي 26:28
5
متي 26:26
۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.
រុករក متي 26:26
6
متي 27:26
۽ پيالو کڻي، شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ چيائين، تہ اوهين سڀيئي هن مان پيئو؛
រុករក متي 26:27
7
متي 40:26
۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟
រុករក متي 26:40
8
متي 29:26
پر آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جنهن ڏينهن تائين آئون پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ اوهان سان گڏ اهو نئون نہ پيئان، تيسين هيءَ ڊاک جي رس وري ڪڏهن بہ نہ پيئندس.
រុករក متي 26:29
9
متي 75:26
۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.
រុករក متي 26:75
10
متي 46:26
اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.
រុករក متي 26:46
11
متي 52:26
تڏهن يسوع اُنهي کي چيو تہ تون پنهنجي ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: ڇالاءِ جو جيڪي ترار کڻن ٿا، سي ترار سان ئي چٽ ٿيندا.
រុករក متي 26:52
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ