۽ کين خواب ۾ خدا وٽان هدايت ملي تہ هيروديس وٽ موٽي متان وڃو، تنهنڪري هو ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيا.
هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو.