1
لوقا 38:6
Sindhi Bible NT
SB62
ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.
ប្រៀបធៀប
រុករក لوقا 6:38
2
لوقا 45:6
نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪي چڱو آهي، سو ئي ڪڍي ٿو، ۽ خراب ماڻهو پنهنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آهي، سو ئي ٿو ڪڍي: ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندس، سو ئي وات مان ڪڍندو.
រុករក لوقا 6:45
3
لوقا 35:6
پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.
រុករក لوقا 6:35
4
لوقا 36:6
پوءِ جيئن اوهان جو پيءُ ٻاجهہ ڀريو آهي، تيئن اوهين بہ ٻاجهارا ٿيو.
រុករក لوقا 6:36
5
لوقا 37:6
۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي
រុករក لوقا 6:37
6
لوقا 27:6-28
پر اوهين جي ٻُڌو ٿا تن کي آئون چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، جيڪي اوهان سان نفرت ڪن، تن سان ڀلائي ڪريو، جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.
រុករក لوقا 6:27-28
7
لوقا 31:6
۽ جيئن اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان هلن، تيئن اوهين پڻ اُنهن سان هلو.
រុករក لوقا 6:31
8
لوقا 29:6-30
۽ جيڪو هڪڙي ڳل تي لپاٽ هڻيئي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو ڪوٽ کڻي وڃي، تنهن کي پهراڻ کڻڻ کان بہ نہ جهل. جيڪو گهريئي تنهن کي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو مال کڻي وڃي تنهن کان وري نہ گهُر.
រុករក لوقا 6:29-30
9
لوقا 43:6
ڇوتہ ڪوبہ چڱو وڻ خراب ڦل نٿو ڏئي، نڪي وري خراب وڻ چڱو ڦل ٿو ڏئي.
រុករក لوقا 6:43
10
لوقا 44:6
ڇالاءِ تہ سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ڦل مان سڃاڻبو آهي ڇوتہ ماڻهو ڪنڊين مان انجير نٿا ڇنن، ۽ نڪي ڪانڊيرن مان ڊاک.
រុករក لوقا 6:44
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ