YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 1

1
خدا جو پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھائڻ
1اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو. 2پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين. 3اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
فرزند ملائڪن کان مٿاھون
4اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو. 5#زب ۷‏:۲، ۲.سم ۱۴‏:۷، ۱.توا ۱۳‏:۱۷ ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ
”تون منھنجو فرزند آھين،
اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ
”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس
۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“ 6#شر ۴۳‏:۳۲ وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ
”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“ 7#زب ۴‏:۱۰۴ ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ
”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون
۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“ 8#زب ۶‏:۴۵‎–۷ پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ
”اي خدا! تنھنجو تخت
ھميشہ تائين قائم رھندو،
۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.
9تو سچائيءَ سان محبت،
۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي.
تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا،
خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪري
تو کي چونڊيو،
۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“ 10#زب ۲۵‏:۱۰۲‎–۲۷ ھن ھيئن بہ چيو تہ
”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو
۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.
11اھي سڀ ناس ٿي ويندا،
پر تون ئي باقي رھندين.
اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
12تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين
۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا.
پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين،
۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“ 13#زب ۱‏:۱۱۰ ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ
”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،
جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي
تنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“ 14ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟

Currently Selected:

عبرانين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy