YouVersion Logo
Search Icon

طيطس ‮تعارف‬

تعارف
طيطس غير يھودي ھو، جنھن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پولس رسول جي تبليغي ڪم ۾ سندس ساٿي ۽ مددگار بڻيو. ھي خط پولس رسول پنھنجي انھيءَ نوجوان مددگار طيطس ڏانھن لکي ٿو، جنھن کي ھو ڪريتي ٻيٽ ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏي آيو ھو تہ ھو اتي رھي ڪليسيا جي نظرداريءَ جو ڪم ڪري.
ھن خط ۾ ٽي اھم نقطا بيان ڪيا ويا آھن. پھريون تہ طيطس کي ياد ڏياريو ويو آھي تہ ڪليسيا جي نگھبانن جو ڪردار ڪيئن ھئڻ گھرجي، خاص ڪري ڪريتي ۾، جتي اڪثر بدڪردار ھئا. ٻيو تہ طيطس کي صلاح ڏني ويئي آھي تہ ڪليسيا جي مختلف ماڻھن کي ڪيئن تعليم ڏجي، جھڙوڪ: نوجوانن ۽ غلامن کي، پوڙھن مردن ۽ انھن پوڙھين عورتن کي، جيڪي وري نوجوان عورتن کي سيکارين.
آخر ۾ خط لکندڙ يعني پولس رسول طيطس کي صلاح ڏئي ٿو تہ مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو ڪردار ڪيئن ھئڻ گھرجي. ھن حصي ۾ خاص طور نرم طبيعت ۽ حليمائيءَ تي زور ڏنو ويو آھي ۽ نفرت ۽ بي⁠وقوفيءَ جي بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪليسيا ۾ تفرقا وجھڻ کان پري رھڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آھي.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱‎–۴
ڪليسيا جا خدمتگار ۵‏:۱‎–۱۶
مختلف ماڻھن جون ڪليسيا ۾ ذميواريون ۱‏:۲‎–۱۵
تاڪيد ۽ سمجھاڻيون ۱‏:۳‎–۱۱
دعا سلام ۱۲‏:۳‎–۱۵

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy