YouVersion Logo
Search Icon

طيطس 2

2
صحيح تعليم ڏيڻ
1پر تون اھي ڳالھيون بيان ڪندو رھہ، جيڪي صحيح تعليم جي موافق آھن. 2پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.
3ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن. 4انھيءَ ڪري جو اھي جوان عورتن کي تربيت ڏين تہ پنھنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن، 5سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.
6ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين. 7سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي. 8اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.
9غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن. 10نہ ئي اھي چوري چڪاري ڪن، بلڪ ھر طرح سان چڱا ۽ ديانتدار ٿي پيش اچن، انھيءَ لاءِ تہ اھي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي ھر طرح سان سينگاريندا رھن.
11ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي. 12اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون. 13ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون. 14#زب ۸‏:۱۳۰، خر ۵‏:۱۹، شر ۲۰‏:۴، ۶‏:۷، ۲‏:۱۴، ۱.پط ۹‏:۲ ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.
15سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.

Currently Selected:

طيطس 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy