YouVersion Logo
Search Icon

رومين 2

2
خدا جو فيصلو
1 # مت ۱‏:۷، لو ۳۷‏:۶ اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيب⁠جوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين. 2اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا تن جو فيصلو خدا جي طرفان حق موجب ٿئي ٿو. 3اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟ 4يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي. 5پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو. 6#زب ۱۲‏:۶۲، چوڻ ۱۲‏:۲۴ خدا ھر ڪنھن کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 7جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو. 8پر جيڪي خود⁠غرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو. 9جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي. 10پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي. 11#شر ۱۷‏:۱۰ ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.
12خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو. 13ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا. 14غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي. 15ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن. 16انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.
يھودين جو شريعت تي فخر ڪرڻ
17تون ڪير آھين جو پاڻ کي يھودي ٿو سڏائين؟ تون شريعت تي ڀروسو ٿو رکين ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين. 18تو کي خبر آھي تہ خدا جي رضا تنھنجي ڪھڙن ڪمن ۾ آھي، تو کي شريعت مان خبر پيئي آھي تہ صحيح رستو ڪھڙو آھي. 19تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن. 20تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي. 21ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟ 22تون چوين ٿو تہ ”زنا نہ ڪر.“ پر تون پاڻ زنا ڇو ٿو ڪرين؟ تون بتن کان تہ نفرت ڪرين ٿو، پر تون خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟ 23اي يھودي! تون شريعت تي فخر تہ ڪرين ٿو، پر تون پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟ 24#يس ۵‏:۵۲ ڇا ھي لکيل نہ آھي تہ ”اوھان يھودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“
25طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو. 26جيڪڏھن ڪنھن غير قوم واري جو طھر ٿيل نہ آھي، پر ھو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طھريلن جھڙو ڪري نہ ڀائيندو؟ 27اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي. 28اھو ماڻھو ڪڏھن بہ يھودي نہ آھي، جيڪو رڳو نالي جو يھودي ھجي ۽ نہ ئي اھو طھر آھي، جيڪو رڳو ظاھري ۽ جسماني طھر ھجي. 29#شر ۶‏:۳۰ پر يھودي اھو آھي جنھن جي دل خدا ڏانھن سچي آھي. طھر اھو آھي جو دلي ۽ روحاني آھي ۽ نہ شرعي. اھڙي طھر جي ساراھہ ماڻھن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.

Currently Selected:

رومين 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy