YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا رسول جي معرفت ڏنل ھي مڪاشفو ان وقت لکيو ويو، جڏھن ايمان آڻيندڙن کي انھيءَ لاءِ سزا ڏني ويندي ھئي جو ھو عيسيٰ مسيح کي خداوند ڪري مڃيندا ھئا. خط جو مول مقصد ھي آھي تہ پڙھندڙن کي اميد ڏيکاري وڃي ۽ کين ھمتايو وڃي ۽ مٿن زور رکيو وڃي تہ ڏکن ۽ سختين ۾ بہ ھو ثابت قدم رھن.
ھن مقدس ڪتاب جو گھڻو حصو ڪيترن ئي مڪاشفن ۽ رويائن جي سلسلن تي ٻڌل آھي، جيڪي اشارتي زبان ۾ آھن، جن کي ان وقت جا ايمان آڻيندڙ تہ سمجھي سگھندا ھئا، پر ٻين لاءِ اھي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھہ ھئا.
جھڙيءَ طرح شاھہ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ خدا جي محبت کي مختلف سُرن ۾ بيان ڪيو آھي، تھڙيءَ طرح ھن ڪتاب جو مقصد بہ مختلف طريقن ۽ رويائن جي وسيلي بيان ڪيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ڪتاب جي مفھوم جي ادائگيءَ جي باري ۾ مختلف رايا آھن، پر مرڪزي مقصد بلڪل صاف آھي. اھو مقصد ھي آھي تہ مسيح جي وسيلي شيطان سميت خدا پنھنجي سڀني دشمنن کي آخري ۽ مڪمل شڪست ڏيندو. ان سان گڏ ھو پنھنجي ماڻھن کي نئين آسمان ۽ نئين زمين جي برڪتن سان نوازيندو.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱‎–۸
شروعاتي رويا ۽ ستن ڪليسيائن ڏانھن خط ۹‏:۱‎–۲۲‏:۳
ستن مُھرن سان بند ٿيل ڪتاب ۱‏:۴‎–۱‏:۸
ست توتارا ۲‏:۸‎–۱۹‏:۱۱
ازدھا ۽ ٻہ حيوان ۱‏:۱۲‎–۱۸‏:۱۳
مختلف رويائون ۱‏:۱۴‎–۸‏:۱۵
خدا جي غضب جا ست پيالا ۱‏:۱۶‎–۲۱
بابل جي تباھي ۽ ٻن حيوانن ۽ شيطان جي شڪست ۱‏:۱۷‎–۱۰‏:۲۰
آخري عدالت ۱۱‏:۲۰‎–۱۵
نئون آسمان، نئين زمين ۽ نئون يروشلم ۱‏:۲۱‎–۵‏:۲۲
واعدو ۽ آگاھي ۶‏:۲۲‎–۲۱

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy