فلپين 4
4
ھدايتون
1تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو.
2آءٌ يووئديا کي گذارش ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري يڪدل ٿي رھن. 3اي سچا ھمخدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِجو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھمخدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.
4خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو. 5اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي. 6ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو. 7تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو.
8ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪيبہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون درست آھن، جيڪيبہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪيبہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو. 9جيڪيبہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.
امداد لاءِ شڪرگذاري
10آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو. 11ھيءَ ڳالھہ آءٌ ضرورتمند ھجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇالاءِجو مون ھر حالت ۾ راضي رھڻ سکيو آھي. 12آءٌ اڻھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو. 13خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.
14تنھن ھوندي بہ اوھان چڱو ڪيو جو منھنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. 15#۲.ڪر ۹:۱۱ اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي. 16#رس ۱:۱۷ بلڪ جڏھن آءٌ ٿسلونيڪي شھر ۾ ھوس، تڏھن منھنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان ھڪ دفعي کان وڌيڪ مون ڏانھن مدد موڪلي. 17ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي. 18#خر ۱۸:۲۹ مون کي پورو پورو اُجورو مليو آھي، بلڪ اڃا بہ وڌيڪ. اوھان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي ھٿان مون کي مليون آھن، جنھن ڪري آءٌ بلڪل آسودو ٿيو آھيان. اھا امداد خوشبودار ۽ اھڙي قبول پوندڙ قرباني آھي، جنھن کي خدا پسند ٿو ڪري. 19منھنجو خدا پنھنجي برڪت ڀرئي خزاني مان عيسيٰ مسيح جي وسيلي اوھان جي ھر ھڪ ضرورت کي پورو ڪندو. 20شل اسان جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.
آخر ۾ دعا سلام
21عيسيٰ مسيح جي سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. جيڪي ايمان وارا مون سان گڏ آھن سي اوھان سڀني کي سلام ٿا ڏين. 22سمورا ايمان وارا، خاص ڪري اھي جيڪي قيصر جي محل ۾ آھن، اوھان کي سلام ٿا چون. 23شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي.
Currently Selected:
فلپين 4: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society