YouVersion Logo
Search Icon

متي 5

5
ٽڪر تي وعظ
(۱‏:۵‎–۲۹‏:۷)
1جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا. 2ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ
سچي خوشي
(لوقا ۲۰‏:۶‎–۲۳)
3”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن،
ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
4 # يس ۲‏:۶۱ سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن،
ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.
5 # زب ۱۱‏:۳۷ سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن،
ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو.
6 # يس ۱‏:۵۵‎–۲ سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن،
ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
7سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا،
ڇالاءِ⁠جو خدا انھن تي رحم ڪندو.
8 # زب ۳‏:۲۴‎–۴ سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن،
ڇالاءِ⁠جو اھي خدا کي ڏسندا.
9سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا،
ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.
10 # ۱.پط ۱۴‏:۳ سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،
ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
11 # ۱.پط ۱۴‏:۴ سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن، 12#۲.توا ۱۶‏:۳۶، رس ۵۲‏:۷ ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“
لوڻ ۽ روشني
(مرقس ۵۰‏:۹، لوقا ۳۴‏:۱۴‎–۳۵)
13”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.
14 # يو ۱۲‏:۸، ۵‏:۹ اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو. 15#مر ۲۱‏:۴، لو ۱۶‏:۸، ۳۳‏:۱۱ ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ھو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي روشني پھچي ٿي. 16#۱.پط ۱۲‏:۲ ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“
شريعت بابت تعليم
17”اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت ۽ نبين جي صحيفن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. آءٌ انھن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. 18#لو ۱۷‏:۱۶ آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي. 19تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو. 20ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اوھان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوھين ڪنھن بہ طرح آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“
ڪاوڙ بابت تعليم
21 # خر ۱۳‏:۲۰، شر ۱۷‏:۵ ”اوھان ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني جي ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو تہ ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.‘ 22پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو. 23تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي، 24تہ پنھنجو نذرانو اتي قربان⁠گاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ.
25جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين. 26آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“
زنا بابت تعليم
27 # خر ۱۴‏:۲۰، شر ۱۸‏:۵ ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘ 28پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو. 29#مت ۹‏:۱۸، مر ۴۷‏:۹ جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي. 30#مت ۸‏:۱۸، مر ۴۳‏:۹ جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“
طلاق بابت تعليم
(متي ۹‏:۱۹، مرقس ۱۱‏:۱۰‎–۱۲، لوقا ۱۸‏:۱۶)
31 # شر ۱‏:۲۴‎–۴، مت ۷‏:۱۹، مر ۴‏:۱۰ ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاق⁠نامو بہ لکي ڏئي.‘ 32#۱.ڪر ۱۰‏:۷‎–۱۱ پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“
قسمن کڻڻ بابت تعليم
33 # لاو ۱۲‏:۱۹، ڳا ۲‏:۳۰، شر ۲۱‏:۲۳ ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘ 34#يع ۱۲‏:۵، يس ۱‏:۶۶، مت ۲۲‏:۲۳ پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ⁠جو اھو خدا جو تخت آھي 35#يس ۱‏:۶۶، زب ۲‏:۴۸ ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي 36۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو. 37پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“
بدلي وٺڻ بابت تعليم
(لوقا ۲۹‏:۶‎–۳۰)
38 # خر ۲۴‏:۲۱، لاو ۲۰‏:۲۴، شر ۲۱‏:۱۹ ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ 39پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. 40جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. 41جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ. 42جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“
دشمنن سان پيار
(لوقا ۲۷‏:۶‎–۲۸‏،۳۲‎–۳۶)
43 # لاو ۱۸‏:۱۹ ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘ 44پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو، 45تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِ⁠جو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو. 46جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 47وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا. 48#لاو ۲‏:۱۹، شر ۱۳‏:۱۸ سو اوھين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آھي.“

Currently Selected:

متي 5: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy