YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 1

1
منڍ
1محترم ٿئوفلس:
ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن. 2جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي. 3تنھنڪري مون بہ اھو مناسب سمجھيو تہ ھي ڳالھيون اوھان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇوتہ مون شروع کان وٺي انھن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آھي. 4آءٌ ھي انھيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالھين جي اوھان کي تعليم ڏني ويئي آھي، تن جي سچائيءَ جي اوھان کي پوري ڄاڻ پوي.
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي
5 # ۱.توا ۱۰‏:۲۴ يھوديہ جي بادشاھہ #ھيروديس: ھيروديس نہ رڳو يھوديہ جو بادشاھہ ھو پر ھو پوري فلستي ملڪ جو پڻ بادشاھہ ھو.ھيروديس جي ڏينھن ۾ ابياہ ٽولي ۾ ذڪريا نالي ھڪڙو ڪاھن ھو. سندس زال بہ ھارون جي اولاد مان ھئي، جنھن جو نالو اليشبع ھو. 6ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا. 7پر انھن کي اولاد ڪونہ ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اليشبع سنڍ ھئي ۽ ٻئي عمر ۾ پوڙھا ٿي چڪا ھئا.
8ھڪ دفعي ذڪريا پنھنجي فرقي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪم پئي ڪيو. 9ڪاھنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ ھو ھيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10لوبان ٻارڻ وقت ماڻھن جي سڄي ميڙ ٻاھران پئي دعا گھري. 11لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني. 12ذڪريا ھن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ ڊڄڻ لڳو. 13پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج. 14تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي ھن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا. 15#ڳا ۳‏:۶ ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو. 16ھو بني اسرائيل جي ڪيترن ئي ماڻھن کي خداوند جي پاسي ڏانھن ڦيريندو، جو ئي سندن خدا آھي. 17#ملا ۵‏:۴‎–۶ ھو خدا جو پيغام الياس نبيءَ جي روح ۽ طاقت سان ڏيندو ويندو، تہ جيئن ھو پيئرن کي اولاد لاءِ دل ڏئي، نافرمانن کي وري نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي ۽ خداوند لاءِ ھڪڙي مستعد قوم تيار ڪري.“
18تڏھن ذڪريا ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انھيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏھن تہ آءٌ پوڙھو آھيان ۽ منھنجي زال وڏيءَ عمر واري آھي؟“ 19#دان ۱۶‏:۸، ۲۱‏:۹ تنھن تي ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ جبرائيل آھيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رھندو آھيان. خدا مون کي موڪليو آھي تہ تو سان ڳالھايان ۽ تو کي اھا خوشخبري ٻڌايان. 20پر تو منھنجي پيغام تي اعتبار نہ ڪيو آھي جيڪو مقرر وقت تي سچو ٿيندو. جيئن تہ تو اعتبار نہ ڪيو آھي تنھنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اھي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ڳالھائي نہ سگھندين.“
21ماڻھو ڏاڍي انتظار ۾ ھئا ۽ حيران ھئا تہ ذڪريا مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آھي. 22جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو. 23جڏھن ھيڪل ۾ سندس خدمت جو وقت پورو ٿيو تہ ذڪريا گھر ڏانھن موٽيو.
24ڪن ڏينھن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ پنج مھينا گھر کان ٻاھر نہ نڪتي. اليشبع چيو تہ 25”ھيءُ خدا منھنجي لاءِ ڪيو آھي. ھاڻي ھن مون تي مھر جي نظر ڪئي آھي ۽ ماڻھن جي مھڻن کان منھنجي جند ڇڏائي اٿس.“
عيسيٰ جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي
26اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇھين مھيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي شھر ناصرت ۾ موڪليو. 27#مت ۱۸‏:۱ ھو ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جا دائود جي گھراڻي جي ھڪ شخص يوسف سان منڱيل ھئي. انھيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم ھو. 28جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“ 29مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي. 30تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِ⁠جو خدا تو تي مھربان آھي. 31#مت ۲۱‏:۱ تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج. 32#۲.سم ۱۲‏:۷، ۱۳‏،۱۶، يس ۷‏:۹ ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو. 33ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“
34تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“ 35ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. 36ڏس پنھنجي مائٽياڻي اليشبع کي، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ ھوءَ سنڍ آھي. پر کيس ھاڻي ڇھون مھينو پيٽ آھي، جيتوڻيڪ ھوءَ وڏي عمر واري آھي. 37#پيد ۱۴‏:۱۸ ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“
38تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو.
مريم جي اليشبع سان ملاقات
39تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي. 40ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين. 41جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي. 42ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ. 43مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟ 44ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. 45تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“
مريم جو خدا جي ساراھہ ۾ گيت
46 # ۱.سم ۱‏:۲‎–۱۰ مريم چيو تہ
”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي،
47۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو،
ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.
48 # ۱.سم ۱۱‏:۱ ھن مون تي نظر ڪئي آھي،
پنھنجي ھڪ خسيس ٻانھيءَ مثل.
اڄ کان پوءِ سڀ پيڙھيون
مون کي سڀاڳي سڏينديون،
49ڇالاءِ⁠جو قادر مون سان وڏو وڙ ڪيو آھي.
ھن جو نالو پاڪ آھي.
50ھو انھن تي پيڙھي بہ پيڙھي رحم ڪري ٿو،
جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.
51ھن پنھنجي ٻانھن جو زور ھلايو آھي،
۽ جيڪي پنھنجن خيالن تي فخر ڪن ٿا،
تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.
52 # ايو ۱۱‏:۵، ۱۹‏:۱۲ ھن شاھن کي شاھيءَ تان ڪيرايو آھي
۽ نيچن کي اوچو ڪيو آٿس.
53ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي
۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس.
54‏-55 # پيد ۷‏:۱۷ ھن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل عھد پورو ڪيو آھي،
جو ھن پنھنجي ٻانھي اسرائيل جي مدد ڪئي آھي.
ھن ابراھيم ۽ سندس اولاد جي سار لڌي،
تہ ھميشہ انھن تي رحم ڪري.“
56مريم اليشبع سان اٽڪل ٽي مھينا گڏ رھي ۽ پوءِ گھر موٽي آئي.
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو ڄمڻ
57اليشبع جي پيرن لھڻ جو وقت ٿيو ۽ ھن پٽ ڄڻيو. 58ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. 59#لاو ۳‏:۱۲ جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي. 60پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“ 61تنھن تي انھن چيس تہ ”اھڙي نالي سان تہ توھان جو ڪوبہ مائٽ نہ آھي.“ 62پوءِ ھنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ ھو ڇوڪري جو ڪھڙو نالو رکڻ گھري ٿو. 63ذڪريا انھن کان تختي گھري ۽ ان تي لکيائين تہ ”ھن جو نالو يحيٰ آھي.“ تنھن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. 64جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين. 65جيڪي اوسي⁠پاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون. 66جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.
ذڪريا جي پيشنگوئي
67يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ
68”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي،
ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪري
کين ڇوٽڪارو ڏنو آھي.
69پنھنجي ٻانھي دائود جي گھراڻي مان
اسان لاءِ سگھارو ڇوٽڪارو ڏيندڙ موڪليو اٿس،
70جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي،
پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،
71تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي
۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي،
جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.
72ھن پنھنجي واعدي موجب،
اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي
۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.
73جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو
74تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري
۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون،
75۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھن
پاڪ ۽ نيڪ ھجون.
76 # ملا ۱‏:۳ تون، اي منھنجا ٻچا!
خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين.
تون خداوند جي آڏو ھلندين
تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،
77انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کي
ڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائين
تہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.
78ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدا
رحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي.
ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشني
اسان تي نازل ڪندو،
79 # يس ۲‏:۹ جيڪا انھن تي چمڪندي
جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا
۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“
80اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.

Currently Selected:

لوقا 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy