YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 20

20
عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ
(متي ۱‏:۲۸‎–۸، مرقس ۱‏:۱۶‎–۸، لوقا ۱‏:۲۴‎–۱۲)
1آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي. 2سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ 3تنھن تي پطرس ۽ اھو ٻيو شاگرد قبر ڏانھن روانا ٿيا. 4اھي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اھو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پھريائين قبر تي پھتو. 5ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو ۽ ڏٺائين تہ ڪفن پيو آھي. پر ھو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو. 6ھن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پھتو ۽ ھو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. 7ان کان علاوہ ھن اھو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙھيل ھو. پر اھو ٻئي ھنڌ جدا ويڙھيو پيو ھو. 8تنھن کان پوءِ اھو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پھتو ھو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. ھن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ ايمان آندائين. 9شاگردن اڃا تائين اھا پاڪ لکت نہ سمجھي ھئي تہ عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻو ھو. 10پوءِ اھي شاگرد موٽي پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا.
مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي ۹‏:۲۸‎–۱۰، مرقس ۹‏:۱۶‎–۱۱)
11مريم قبر جي ٻاھران بيٺي رنو. روئندي روئندي ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو 12۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو. 13انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“
14ھن ائين چئي اڃا پٺيان نھاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي. 15عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“ 16عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“ 17عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“ 18پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اھا ڳالھہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آھي.“ ھن کين اھي ڳالھيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند ساڻس ڪيون ھيون.
شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي ۱۶‏:۲۸‎–۲۰، مرقس ۱۴‏:۱۶‎–۱۸، لوقا ۳۶‏:۲۴‎–۴۹)
19انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 20ائين چوڻ کان پوءِ ھن شاگردن کي پنھنجا ھٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنھن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. 21تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“ 22ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح. 23#مت ۱۹‏:۱۶، ۱۸‏:۱۸ جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا گناھہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏھن اوھين انھن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“
توما کي ڏيکاري ڏيڻ
24توما انھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو ھو جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مھل شاگردن سان گڏ نہ ھو. 25اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“
26ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 27پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“ 28تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“ 29عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“
ھن ڪتاب جو مقصد
30شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي ھن ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن. 31پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.

Currently Selected:

يوحنا 20: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy