YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 12

12
بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري
(متي ۶‏:۲۶‎–۱۳، مرقس ۳‏:۱۴‎–۹)
1عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو. 2اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو. 3#لو ۳۷‏:۷‎–۳۸ پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو. 4عيسيٰ جي شاگردن مان ھڪڙي جنھن جو نالو يھوداہ اسڪريوتي ھو ۽ جيڪو اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو، 5تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن #چانديءَ جي سڪن: ڏسو يوحنا ۷‏:۶.چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“ 6ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي. 7تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو. 8#شر ۱۱‏:۱۵ غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“
لعزر خلاف سازش
9يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو. 10تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون، 11ڇالاءِ⁠جو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي ۱‏:۲۱‎–۱۱، مرقس ۱‏:۱۱‎–۱۱، لوقا ۲۸‏:۱۹‎–۴۰)
12ٻئي ڏينھن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو ھو تنھن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رھيو آھي. 13#زب ۲۵‏:۱۱۸، ۲۶ سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“ 14عيسيٰ کي ھڪ کودڙو ملي ويو ۽ ھو مٿس چڙھي ويٺو، جيئن لکيل آھي تہ
15 # زڪ ۹‏:۹ ”اي #صيئون جا شھر: يعني يروشلم شھرصيئون جا شھر! ڊڄ نہ،
ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو،
جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“
16سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو.
17جنھن مھل عيسيٰ لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جياريو ھو، تنھن مھل جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، سي ان وقت اھا شاھدي ڏيئي رھيا ھئا. 18انھيءَ سبب ڪري ڪيترائي ماڻھو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇالاءِ⁠جو انھن ٻڌو ھو تہ ھن ئي اھو معجزو ڪيو آھي. 19تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“
ڪن يونانين جو عيسيٰ کي ڳولڻ
20جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا. 21اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيت⁠صيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“ 22فلپس اچي اندرياس کي اھا ڳالھہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنھي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو. 23عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيندو. 24آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو. 25#مت ۳۹‏:۱۰، ۲۵‏:۱۶، مر ۳۵‏:۸، لو ۲۴‏:۹، ۳۳‏:۱۷ جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو. 26جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“
پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ
27”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان. 28اي بابا! تون پنھنجي نالي کي جلوو ڏي.“ تنھن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنھنجي نالي کي جلوو ڏنو آھي ۽ وري بہ ڏيندس.“ 29تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“ 30پر عيسيٰ کين چيو تہ ”اھو آواز منھنجي لاءِ نہ پر اوھان جي لاءِ ھو. 31ھي اھو وقت آھي جو دنيا جو فيصلو ٿيندو. ھاڻي #ھن دنيا جي سردار: يعني شيطان.ھن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو. 32جڏھن آءٌ مٿي چاڙھيو ويندس تہ سڀني کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندس.“ 33ھن چوڻ مان ھن جو مطلب ھو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.
34 # زب ۴‏:۱۱۰، يس ۷‏:۹، حز ۲۵‏:۳۷، دان ۱۴‏:۷ تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“ 35عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان. 36جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“
ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.
يھودين جو ايمان نہ آڻڻ
37جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو. 38#يس ۱‏:۵۳ اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ
”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟
۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“
39اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ
40 # يس ۱۰‏:۶ ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن
۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي،
تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن
۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن،
۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ
آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
41يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين. 42تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين. 43انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.
44پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 45جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انھيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 46آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي. 47جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان. 48جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون. 49ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي. 50آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنھنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اھو ئي آھي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آھي.“

Currently Selected:

يوحنا 12: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy