YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 6

6
ھڪٻئي جي مدد ڪريو
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو. 2اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو. 3جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو. 4تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي. 5ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو.
6جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.
7فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو. 8جيڪو پنھنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انھيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو. 9اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين. 10تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.
آخري تاڪيد ۽ سلام
11ڏسو، ڪھڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنھنجي ھٿ سان اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان. 12جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن. 13ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن. 14پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ. 15انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي. 16جيڪي ⁠بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي.
17اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان.
18اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سان ھجي. آمين.

Currently Selected:

گلتين 6: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in