رسولن جا ڪم 21
21
پولس جو يروشلم ڏانھن وڃڻ
1انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين. 2اتي اسان ڏٺو تہ ھڪڙو جھاز فينيڪيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين. 3پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِجو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو. 4اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“ 5پر جڏھن ست ڏينھن پورا ٿيا ۽ وري سفر ڪرڻ لاءِ اسين اتان نڪري روانا ٿياسين تہ ھو پنھنجن ٻارن ۽ زالن سميت اسان سان گڏجي شھر کان ٻاھر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائون. 6پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھياسون ۽ ھو موٽي پنھنجن گھرن ڏانھن ھليا ويا.
7اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون. 8#رس ۵:۶، ۵:۸ ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو. 9انھيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر ھيون جيڪي اڳڪٿيون ڪنديون ھيون. 10#رس ۲۸:۱۱ اتي اسين ڪيترا ئي ڏينھن ٽڪياسون، تان جو يھوديہ مان اگبس نالي ھڪ نبي اچي پھتو. 11ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ 12جڏھن اسان اھو ٻڌو تڏھن اسان ۽ اتي جي رھاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“ 13پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“ 14جڏھن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏھن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“
15انھن ڏينھن کان پوءِ اسين پنھنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانھن وياسون. 16قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.
پولس جو يعقوب سان ملڻ
17جڏھن اسين يروشلم ۾ پھتاسون تہ اتي ڀائرن اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. 18ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا. 19پولس انھن کي سلام ڪرڻ بعد اھي سڀيئي ڪم ترتيبوار ٻڌايا، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا ھئا. 20جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”ادا! تو کي خبر آھي تہ يھودين منجھان ھزارين ماڻھن ايمان آندو آھي ۽ اھي سڀيئي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رھيا آھن. 21تنھنجي نالي ٻڌو اٿن تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يھودي آھن، تن سڀني کي تون چوين ٿو تہ موسيٰ جي شريعت تي عمل نہ ڪن، ٻارن جو طھر نہ ڪرائين ۽ پنھنجن ريتن رسمن تي نہ ھلن. 22پوءِ ھاڻي ڇا ڪجي؟ ڇوتہ ھنن کي تنھنجي اچڻ جي ضرور خبر پوندي. 23#ڳا ۱۳:۶–۲۱ تنھنڪري ھاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪر. اسان وٽ اھڙا چار ماڻھو آھن جن باس باسي ھئي. 24سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين. 25#رس ۲۹:۱۵ پر غير قومن مان جن ايمان آندو آھي، تن کي اسان فيصلو ڪري لکي موڪليو آھي تہ اوھين اھو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي ۽ رت يا ان جانور جو گوشت نہ کائو، جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.“ 26ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.
پولس جو ھيڪل ۾ جھلجڻ
27پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو. 28انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بيحرمتي ڪئي آھي.“ 29#رس ۴:۲۰ ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي. 30سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا. 31ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي. 32سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون. 33پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“ 34انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي. 35جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو. 36جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“
پولس جو پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان
37جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟ 38تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“ 39پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“ 40جڏھن ڪپتان اجازت ڏنس تڏھن پولس ڏاڪڻ تي بيھي ھٿ جي اشاري سان ماڻھن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏھن ماٺ ٿي ويئي تڏھن عبراني ٻوليءَ ۾ ھيئن چوڻ شروع ڪيائين تہ
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 21: SCLNT
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society