رسولن جا ڪم 19
19
پولس اِفسس ۾
1اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو. 2انھن کان پڇيائين تہ ”جڏھن اوھان ايمان آندو ھو تہ اوھان کي پاڪ روح مليو ھو يا نہ؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”اسان اڃا تائين پاڪ روح بابت نہ ٻڌو آھي.“ 3پولس پڇين تہ ”پوءِ اوھان ڪھڙي بپتسما ورتي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”يحيٰ واري بپتسما.“ 4#مت ۱۱:۳، مر ۴:۱، ۷–۸، لو ۴:۳،۱۶، يو ۲۶:۱–۲۷ تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“ 5جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون. 6پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا. 7اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.
8پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادتخاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بيڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو. 9پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو. 10اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.
سڪيوا جا پٽ
11خدا پولس جي ھٿان غير معمولي معجزا ڏيکاريندو ھو. 12ايتريقدر جو جيڪي رومال ۽ پھراڻ پولس ڍڪيندو ھو، سي کڻي جيڪڏھن بيمارن کي لائيندا ھئا تہ انھن کي بيماري ڇڏي ويندي ھئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن مان ڀوت نڪري ويندا ھئا. 13تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“ 14ھڪڙي يھودي سردار ڪاھن سڪيوا جي ستن پٽن بہ ائين پئي ڪيو. 15تنھن تي ڀوت وراڻين تہ ”عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوھين ڪير آھيو؟“ 16پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا. 17يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا. 18جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُليعام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا. 19انھن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا ھئا، تن پنھنجا ڪتاب گڏ ڪري سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انھن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اھا پنجاھہ ھزار #چانديءَ جا سڪا: انھن ڏينھن ۾ چانديءَ جو ھڪ عام سڪو ھڪڙي ڏينھن جي مزوري ھوندي ھئي. ڏسو متي ۲:۲۰.چانديءَ جا سڪا ٿي. 20اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.
اِفسس ۾ ھنگامو
21ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“ 22سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.
23انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي. 24دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو. 25سو ھن انھن ڪاريگرن ۽ اھڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوھين ڄاڻو ٿا تہ ھن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رھيو آھي. 26اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘ 27سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“
28ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“ 29سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪمشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو. 30پولس جي مرضي ھئي تہ ھو ميڙ ۾ وڃي، پر شاگردن وڃڻ نہ ڏنس. 31ايشيا پرڳڻي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواھہ ھئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاھہ ۾ وڃي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھو.“ 32انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻتہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن. 33آخرڪار ماڻھن مان ڪن جو ھي خيال ھو تہ سڪندر ئي ذميوار آھي، ڇالاءِجو يھودين کيس اڳ ۾ ڪيو ھو. پوءِ سڪندر ھٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻھن اڳيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪا تقرير ڪري. 34پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“
35آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي. 36انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. 37ڇالاءِجو جن ماڻھن کي اوھين ھتي وٺي آيا آھيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آھن ۽ نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف ڪفر بڪن ٿا. 38تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن. 39پر جيڪڏھن اوھان کي ڪن ٻين ڳالھين جي صفائي وٺڻي آھي تہ انھيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو. 40اڄ شھر ۾ جيڪو ھنگامو ٿيو آھي، انديشو آھي تہ انھيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ ھن ھنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انھيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“ 41انھيءَ تقرير کان پوءِ ھن اھا گڏجاڻي برخاست ڪئي.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 19: SCLNT
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society