2.ٿسلونيڪين 1
1
1 # رس ۱:۱۷ ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي.
2خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.
حوصلو رکو، انصاف ٿيندو
3اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي. 4تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.
5انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا. 6خدا عادل آھي. ھو اوھان جي ڏک ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ ڏک ڏيندو 7۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو. 8ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين. 9#يس ۱۰:۲ اھي خداوند جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رھندا ۽ کين ھميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي. 10اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِجو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.
11انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري. 12اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.
© 2009 Pakistan Bible Society