7
پراڻو توڙي نئون خداوند جو ساڳيو ئي پيغام
1دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي چوٿين سال، ڪِسليوِ نالي نائين مهيني جي چوٿين تاريخ تي خداوند جو فرمان مون زڪرياہ تي نازل ٿيو. 2ان کان اڳ بيتايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجمملخ کي سندن ماڻهن سميت موڪليو هو تہ هو اچي خداوند جي هيڪل ۾ دعا گھرن 3۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“
4-5تڏهن قادرمطلق خداوند مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو تہ جيئن آءٌ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي سندس اهو فرمان وڃي ٻڌايان تہ ”جڏهن اوهان پنجين توڙي ستين مهيني ۾ ستر سالن تائين روزا رکيا ۽ رنا رڙيا تہ ڇا اهو سڀ ڪجھہ اوهان خاص منهنجي خاطر ڪيو؟ 6وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟ 7سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.
8-9اهو ئي پيغام آءٌ قادرمطلق خداوند وري اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ’سچائيءَ سان انصاف ڪندا رهو ۽ هڪٻئي تي رحم ۽ قياس ڪريو. 10اوهين رنزال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘ 11اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون. 12هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادرمطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو. 13تڏهن مون قادرمطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘ 14انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“