YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 1

1
خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ جو سڏ
1 # عز 4‏:24‏–5‏:1، 6‏:14 فارس جي بادشاهہ دارا جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، اٺين مهيني ۾ مون زڪرياہ ولد برڪياہ ولد عدو کي خداوند فرمايو تہ 2”آءٌ خداوند بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن تي سخت ناراض رهيو هئس. 3تنهنڪري اي زڪرياہ! تون بني اسرائيل کي مون قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو تہ آءٌ قادر‌مطلق خداوند بہ اوهان تي وري مهربان ٿيندس. 4اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو. 5اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟ 6پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“
چئن گھوڙن واري رويا
7دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، سباط نالي يارهين مهيني جي چوويهين تاريخ تي مون زڪرياہ کي خداوند هڪ رويا ڏيکاري. 8#مڪا 6‏:2‏-8 رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.
9تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“
10پوءِ جيڪو ملائڪ مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”هي گھوڙا ۽ سندن سوار اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ موڪليو آهي.“
11ان وقت انهن گھوڙي سوارن مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺل انهيءَ ملائڪ کي خبر ڏني تہ ”اسين سڄيءَ دنيا ۾ جاچ ڪري آيا آهيون ۽ ڏٺو اٿئون تہ ماڻهو هر هنڌ مجبور ۽ لاچار آهن.“ 12تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادر‌مطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“
13تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا. 14پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادر‌مطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل #1‏:14 صيئون خداوند جي مقدس هيڪل انهيءَ صيئون جبل تي يروشلم شهر ۾ ئي اڏيل هئي.صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي. 15پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس. 16تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“
17پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“
چئن سڱن واري رويا
18هڪڙي ٻي رويا ۾ مون پنهنجي اڳيان چار سڱ ڏٺا. 19تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“
20پوءِ خداوند مون کي چار ڪاريگر ڏيکاريا. 21تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“

Currently Selected:

زڪرياہ 1: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in