8
پاڪ روح موجب زندگي گذارڻ
1پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن. 2پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي. 3جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي. 4اهو خدا انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب زندگي گذاريون ٿا. 5سو جيڪي انساني فطرت جي تابع آهن تن جي سوچ دنياوي آهي، پر جيڪي پاڪ روح جي تابع آهن تن جي سوچ روحاني آهي. 6انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پاڪ روح واري سوچ زندگي ۽ خدا سان ميل ميلاپ آهي. 7انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي. 8جيڪي انساني فطرت موجب هلن ٿا سي خدا کي راضي رکي نہ ٿا سگھن.
9پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پاڪ روح موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ خدا جو روح رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي. 10پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو گناهہ جي ڪري اوهان جو جسم مئل آهي، تڏهن بہ خدا ڏانهن سچار هئڻ ڪري زندگي بخشيندڙ پاڪ روح اوهان ۾ آهي. 11#1.ڪر 3:16 هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.
12تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب زندگي گذاريون. 13هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پاڪ روح جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيئرا رهندا. 14سو جيڪي خدا جي روح جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي خدا جا ٻار آهن. 15#مر 14:36، گل 4:6 #گل 4:5-7 ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا #8:15 ٻار مقرر ڪيا ويا آهيواصلي متن جي لفظ جي معنيٰ هنج ورتل پٽ آهي جنهن کي وارث هجڻ جو پورو قانوني حق حاصل آهي.ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون. 16اهو پاڪ روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آهيون. 17جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.
خدا جي جلوي جي اميد
18سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون. 19سڄي مخلوقات ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن خدا جا ٻار انهيءَ جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا. 20#پيد 3:17-19 جيتوڻيڪ مخلوقات پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر خدا کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي 21تہ ڪو وقت ايندو جڏهن مخلوقات کي بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ خدا جي ٻارن جي جلوي واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. 22جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي مخلوقات هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي. 23#2.ڪر 5:2-4 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون. 24انهيءَ اميد سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟ 25پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون.
26انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب دعا گھرون، سو پاڪ روح پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيو ڪري. 27خدا جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح ڇا ٿو چاهي، يعني پاڪ روح سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سفارش ٿو ڪري.
28اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن. 29هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي. 30سو خدا جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيائين.
عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جو پيار
31سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ 32هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟ 33ڪير آهي جيڪو خدا جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ خدا خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 34ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري. 35پوءِ ڪير آهي جيڪو اسان کي مسيح جي پيار کان جدا ڪري سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ هجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ هجون يا اسان کي ماريو وڃي، 36#زب 44:22 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو.
هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“
37انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو. 38منهنجو ايمان آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ طاقتون، 39نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي خدا جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو عيسيٰ مسيح يعني اسان جي خداوند جي وسيلي اسان کي مليو آهي.