YouVersion Logo
Search Icon

رومين 7

7
شاديءَ واري ٻنڌڻ جو مثال
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي شريعت کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آهي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم هلي ٿو. 2مثال طور شريعت موجب زال پنهنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو مڙس مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي. 3جيڪڏهن اها عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ هوءَ شريعت موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي. 4منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ شريعت جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ خدا جي لائق ڦل جھلينداسين. 5جڏهن اسين رڳو انساني فطرت موجب رهندا هئاسين، تڏهن اسان جون نفساني خواهشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض هيون، جنهن ڪري اسان موت جي لائق ڦل جھليوسين. 6پر هاڻ اسين شريعت جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح واري نئين زندگيءَ جا پابند آهيون.
شريعت وسيلي گناهہ ظاهر ٿيڻ
7 # خر 20‏:17، شر 5‏:21 پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ شريعت خود گناهہ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن شريعت نہ هجي ها تہ مون کي گناهہ جي خبر نہ پوي ها. جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر ئي نہ پوي ها. 8پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي. 9ڪو وقت هو جڏهن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو هئس. پر جڏهن شريعت وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن گناهہ جيئرو ٿي پيو 10۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. 11#پيد 3‏:13 گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن، 13تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو گناهہ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح شريعت وارن حڪمن جي وسيلي گناهہ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.
دل شريعت جي تابع تہ بہ گناهہ جي حڪمراني
14اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت روحاني آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ گناهہ جي هٿ وڪاميل آهيان. 15#گل 5‏:17 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ خبر نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي. 16جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت چڱي آهي. 17سو هاڻوڪي حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو گناهہ آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي. 18آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي. 19هائو، آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اهي ڪريان ٿو. 20هاڻي جڏهن آءٌ اهڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو گناهہ ئي آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.
21تنهنڪري مون ۾ هڪ اهڙو حڪم ڪم ڪندي نظر اچي ٿو جو آءٌ جڏهن چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انهن جي بدران بڇڙا ڪم ٿيو پون. 22منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي، 23پر آءٌ پنهنجي جسم جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي گناهہ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي. 24سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟ 25انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو.
مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.

Currently Selected:

رومين 7: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in