9
بني اسرائيل تي خدا جو رحم
(9:1–11:32)
(خدا جو واعدو اجايو نہ آهي)
1آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ 2-3مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان. 4#خر 9:4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن. 5اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. #9:5 واہ!... آمين. هن جملي جو هي ترجمو بہ ممڪن آهي، ”مسيح سڀني کان مٿاهون ۽ هميشہ تائين مبارڪ خدا آهي. آمين.“واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.
6هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن 7#پيد 21:12 ۽ نہ وري ابراهيم جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ خدا جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ ابراهيم کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اسحاق مان ئي سڏي ويندي.“ 8مطلب تہ جسماني لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار خدا جا ٻار نہ آهن، پر ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابراهيم جو اولاد ليکجن ٿا. 9#پيد 18:10 خدا جو ساڻس اهو واعدو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“
10اسان جي وڏن مان هڪ ٻيو مثال هي آهي جڏهن اسحاق کي ربقہ مان جاڙا ٻار پيدا ٿيا. 11-12#پيد 25:23 انهن ٻارن جي ڄمڻ ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو، 13#ملا 1:2-3 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“
(خدا جو رحم سندس مرضيءَ موجب)
14پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا وٽ سچائي نہ آهي؟ نہ، هرگز نہ. 15#خر 33:19 خدا پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنهن تي ٻاجھہ ڪندس.“ 16تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ خدا جي رحم وَ ڪرم تي مدار رکي ٿو. 17#خر 9:16 پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“ 18مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.
19هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو خدا جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي گنهگار قرار ڏئي؟“ 20#يس 29:16، 45:9 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“ 21ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟
22سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. 23يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا، 24يعني اسان کي، جن کي هن نہ رڳو يهودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊي ورتو آهي. 25#هوس 2:23 اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ
”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي،
تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس،
۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي،
تنهن کي پياري چوندس.“
26 #
هوس 1:10
اهو بہ لکيل آهي تہ
”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ
’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘
انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“
27 #
يس 10:22-23
جڏهن تہ بني اسرائيل بابت يسعياہ نبي پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا. 28خداوند پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“
29 #
يس 1:9
يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ
”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند
اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها،
تہ اسان جو حال بہ
سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“
(بني اسرائيل جي پنهنجي ڪوشش ناڪام)
30ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو. 31ان جي ابتڙ بني اسرائيل، جيڪي شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سي انهيءَ ۾ ناڪام ٿي ويا. 32ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو. 33#يس 8:14، 28:16 اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ
”ڏسو، آءٌ #9:33 صيئون يعني يروشلم شهر. ٿي سگھي ٿو تہ هتي انهيءَ مان مراد يروشلم جا رهاڪو آهي.صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،
يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو،
جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي،
پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو،
سو شرمندو نہ ٿيندو.“