YouVersion Logo
Search Icon

رومين 6

6
گناهہ جي نسبت مئل هجڻ
1تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ گناهہ ڪندا رهون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ 2نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي گناهہ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن گناهہ واري زندگي گذاري ٿا سگھون؟ 3ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟ 4#ڪل 2‏:12 تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون.
5جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون، 7ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو گناهہ کان آزاد ڪيو ويو آهي. 8هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آهي تہ ساڻس گڏ جيئري رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين، 9ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي. 10هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ گناهہ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيئرو ٿيو آهي تہ سندس زندگي خدا لاءِ مخصوص آهي. 11اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهين پنهنجي زندگي خدا لاءِ مخصوص سمجھو.
12تنهنڪري اوهين پنهنجي هن فاني جسم ۾ گناهہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين گناهہ وارين خواهشن جي تابعداري ڪريو. 13پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين. 14سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.
سچائيءَ جا غلام
15پوءِ ڇا اسين گناهہ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين شريعت جي نہ، پر خدا جي فضل جي تابع آهيون؟ نہ، هرگز نہ. 16ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي. 17حقيقت ۾ اوهين اڳي گناهہ جا غلام هئا، پر خدا جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل تعليم تي هلندي دل وَ جان سان ان جي تابع ٿيا آهيو. 18هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو. 19اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
20جڏهن اوهين گناهہ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي. 21پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. 22پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي. 23بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.

Currently Selected:

رومين 6: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in