2
اِفسس واري ڪليسيا ڏانهن پيغام
1هن مون کي اِفسس واري ڪليسيا جي #2:1 ملائڪ يا ”ايلچي“ بہ ممڪن آهي. ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ 2”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا. 3منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.
4پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهان مون سان پهريون واري محبت ڇڏي ڏني آهي. 5سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہتائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس. 6پر اوهان ۾ اوهان جي فائدي جي هڪڙي ڳالهہ آهي تہ اوهين نيڪلين جي عملن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آهي.
7 #
پيد 2:9، حز 28:13، 31:8، مڪا 22:2 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“
سمرنا واري ڪليسيا ڏانهن پيغام
8 #
يس 44:6، 48:12، مڪا 1:17، 22:13 هن مون کي سمرنا واري ڪليسيا جي #2:8 ملائڪ يا ”ايلچي“ بہ ممڪن آهي. ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ 9”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن. 10جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.
11 #
مڪا 20:14،15، 21:8 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“
پرگمن واري ڪليسيا ڏانهن پيغام
12هن مون کي پرگمن واري ڪليسيا جي #2:12 ملائڪ يا ”ايلچي“ بہ ممڪن آهي. ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہمنهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ 13”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.
14 #
ڳا 22:5،7، 31:16، شر 23:4، ڳا 25:1-3 پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن. 15اهڙيءَ طرح اوهان وٽ نيڪلين جي تعليم تي عمل ڪندڙ ماڻهو بہ آهن، جيڪا بلعام جي تعليم جهڙي آهي. 16سو توبهہتائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.
17 #
خر 16:14-15، 16:33-34، يو 6:48-50، يس 62:2، 65:15 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“
ٿواتيرہ واري ڪليسيا ڏانهن پيغام
18هن مون کي ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي #2:18 ملائڪ يا ”ايلچي“ بہ ممڪن آهي. ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ خدا جو فرزند جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ 19”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن. 20#1.با 16:31، 2.با 9:22،30 پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري. 21مون انهيءَ عورت کي مهلت ڏني تہ توبهہتائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي. 22ڏسو، آءٌ هن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي انهيءَ زناڪاريءَ ۾ ساڻس شريڪ آهن، سي بہ جيڪڏهن سندس ڪمن تي عمل ڪرڻ کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس. 23#زب 7:9، ير 17:10، زب 62:12 هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.
24پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس، 25سواءِ انهيءَ جي تہ جيڪي اوهان کي مليو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو جيستائين آءٌ اچان. 26#زب 2:8-9 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس، 27-28جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.
29جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.“