Bible App logo
Search Icon

زاريون ‮تعارف‬

تعارف
”زاريون“ نالي هن مقدس ڪتاب ۾ پنج مرثيا آهن، جن ۾ سن 586 قبل مسيح ۾ يروشلم جي تباهيءَ تي سوڳ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بربادي آئي ۽ جلاوطني ٿي. ڪتاب جو گھڻو حصو گريہ وَ زاريءَ وارو هوندي بہ هن ڪتاب ۾ خدا تي ڀروسو ۽ مستقبل جي اميد آهي. اهي مرثيا يهودي پنهنجي ساليانہ روزن ۽ ماتمي ڏينهن تي عبادت ڪرڻ مهل چوندا آهن، تہ جيئن سن 586 قبل مسيح ۾ ٿيل قومي تباهيءَ جو ذڪر بيان ڪيو وڃي.
هن ڪتاب جي اصل متن يعني عبرانيءَ ۾ پنجن ئي مرثين جي هر آيت جي شروعات حروف تهجيءَ جي پهرئين کان آخري اکر تائين سلسليوار ٿئي ٿي. عبراني حروف تهجيءَ ۾ ڪل ٻاويهہ اکر آهن، جنهن ڪري ٽئين مرثيي کان سواءِ هر مرثيي ۾ ٻاويهہ ٻاويهہ آيتون ڏنل آهن. ٽئين مرثيي ۾ ڪجھہ فرق آهي، جنهن ۾ هر ٽن ٽن آيتن جي شروعات ۾ عبراني حروف تهجيءَ جا سلسليوار اکر ڏنا ويا آهن، تنهنڪري انهيءَ مرثيي ۾ ڪل ڇاهٺ آيتون آهن. پر هن ترجمي ۾ اهو طريقو نہ رکيو ويو آهي.
سِٽاءُ
يروشلم تي ارمان 1‏:1‏-22
يروشلم جي سزا 2‏:1‏-22
سزا ۽ خداوند آڏو فرياد 3‏:1‏-66
يروشلم جي گھيري ۽ برباديءَ جو بيان 4‏:1‏-22
رحم لاءِ يروشلم وارن جي دعا 5‏:1‏-22

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in