2
يروشلم لاءِ خداوند جي سزا
1آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان،
پياري #2:1 صيئون يعني يروشلم شهر. صيئون جبل تي يروشلم شهر اڏيل هو.صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري.
جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت،
۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو،
تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي
پنهنجي غضب وچان
آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.
2آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي
ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو،
۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس.
هائو، هن پنهنجي قهر وچان
پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر
ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن.
هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي
خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.
3پروردگار ايترو تہ شديد غضب ۾ هو،
جو هن بني اسرائيل جي سڄيءَ طاقت کي
نيست وَ نابود ڪري ڇڏيو.
هائو، جڏهن مٿن دشمنن حملو ڪيو،
تڏهن هن سندن ڪابہ مدد ڪانہ ڪئي.
ڌڻيءَ ڀڙڪندڙ باهہ جيان،
بني يعقوب کي چئني پاسن کان ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
4هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري
پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو.
هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو.
هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو.
5 پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي،
۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس.
هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن.
هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾
اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي،
جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.
6هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي،
تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو،
جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي.
تنهنڪري پياري صيئون ۾
عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن.
هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان،
بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي.
7 پروردگار پنهنجي قربانگاهہ کان نفرت ڪري ٿو،
بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس.
هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن،
جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.
8 خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي
ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو.
هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي،
جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.
9صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن،
۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن.
صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن.
بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن،
شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي،
۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.
10پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو،
پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون،
ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن.
اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن،
۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون.
اهي ايترو تہ بيحال ٿي پيا آهن جو
سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.
11آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري،
ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان!
منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن،
۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين.
منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ
شهر جي گھٽين ۾ بيهوش پيا آهن.
12اهي ننڍڙا ٻار پنهنجي مائن کان کاڌو ۽ کير گھرن ٿا،
پر نہ ملڻ ڪري اهي ساڻا ٿي ائين ڪري پيا آهن،
جيئن ڪو زخمي سپاهي گھٽيءَ ۾ پيو هجي.
اهڙيءَ طرح انهن ٻارڙن جو پنهنجي مائرن جي جھوليءَ ۾
آهستي آهستي ساهہ نڪريو ٿو وڃي.
13اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم!
آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟
آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟
تو جهڙيون تڪليفون تہ
ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون.
سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي.
آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!
14تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري
ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا.
کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي،
تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري
اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين
جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ.
پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.
15 #
زب 48:2، 50:2 هاڻ اي پيارا يروشلم!
تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو
ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن.
اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ
”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي،
جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر،
۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“
16تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن،
۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا.
اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ
”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي،
جنهن جا اسين طلبگار هئاسين،
تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون.
هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“
17بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي،
تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو.
هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو،
جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو.
هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو،
۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو.
هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.
18اي پياري صيئون جا ڪوٽ!
تون پروردگار آڏو دل جي گھراين سان فرياد ڪر.
رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر وهندا رهن.
هائو، بنا رڪجڻ جي
تنهنجي اکين مان لڙڪ سدائين وهندا رهن.
19اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي
پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ.
هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر.
جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن،
تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر.
سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن.
20يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ
”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس
تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟
ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين،
۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.
21منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن.
هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون
تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن.
تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي،
۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.
22اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين،
تڏهن تو منهنجي دشمنن کي
منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو،
جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي.
دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو.
هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي
جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو.
انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“