Bible App logo
Search Icon

يوايل ‮تعارف‬

تعارف
”يوايل“ نالي هي مقدس ڪتاب ائين لڳي ٿو تہ فارس جي شهنشاهت جي ڏينهن ۾ پنجين يا چوٿين صدي قبل مسيح ۾ منظر عام تي آيو. پر اهو واضح نہ آهي تہ يوايل نبي ڪهڙي دور ۾ هو. هن ڪتاب ۾ يوايل نبي يهوداہ ملڪ ۾ ماڪڙ جي آندل تباهيءَ ۽ وڏي ڏڪار جو بيان ڪري ٿو. انهن واقعن مان هن کي اهو اشارو نظر اچي ٿو تہ خدا جي عدالت جو ڏينهن اچڻ وارو آهي. انهيءَ ڏينهن خداوند انهن ماڻهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس قاعدن قانونن جا مخالف آهن. يوايل نبي ماڻهن کي خداوند جو پيغام ٻڌائي توبهہ‌تائب ٿيڻ لاءِ چوي ٿو. ان کان علاوہ هو پنهنجي قوم جي بحاليءَ لاءِ خدا جو واعدو ۽ سندس برڪتون پڻ ياد ڏياري ٿو. خاص ڳالهہ اها آهي تہ خدا اهو واعدو فرمايو تہ هو پنهنجي سڄيءَ قوم تي پنهنجو روح نازل ڪندو، پوءِ اهي مرد هجن توڙي عورتون، جوان هجن توڙي پوڙها (2‏:28‏-29). يوايل نبيءَ جي هن ڪتاب جون هي آيتون ۽ ڪجھہ ٻيون آيتون نئين عهدنامي ۾ پڻ بيان ڪيل آهن.
سِٽاءُ
ماڪڙ جي آفت 1‏:1‏–2‏:17
بحاليءَ جو واعدو 2‏:18‏-27
خداوند جي عدالت جو ڏينهن 2‏:28‏–3‏:21

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in