Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 50

50
بابل تي قبضو
1 # يس 13‏:1‏–14‏:23، 47‏:1‏-15 بابل ملڪ ۽ سندس رهاڪن بابت مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ
2”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر،
هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ،
چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي،
ان جي رهاڪن جو معبود #50‏:2 مردوڪ هي بابلين جو وڏو معبود هو. اصلي مسودي يعني عبرانيءَ ۾ انهيءَ ديوتا لاءِ ”بيل“ بہ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مالڪ.“مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي.
هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي،
۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘
3اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي،
جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي،
ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.
ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“
بني اسرائيل جي واپسي
4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ وارا ٻئي گڏجي روئيندي ۽ زاريون ڪندي مون خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا. 5هو #50‏:5 صيئون يعني اهو پاڪ جبل جنهن تي يروشلم شهر اڏيل هو.صيئون جو رستو پڇا ڪندا ۽ اوڏانهن پنهنجو رخ رکندا. هو اتي اچي مون خداوند سان هڪ دائمي عهد ڪندا، جنهن کي هو ڪڏهن بہ نہ وساريندا.
6منهنجي قوم ڀٽڪيل رڍن وانگر ٿي پيئي آهي. انهن جي ڌنارن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، تہ جيئن هو جبلن تي ڀٽڪندا وتن. اهي جبلن ۽ ٽڪرين تي رلندا ٿا وتن ۽ کانئن پنهنجي آرام جي جاءِ جو رستو ئي وسري ويو آهي. 7هو جن جن کي بہ هٿ پئي آيا آهن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي. سندن اهي دشمن چون ٿا تہ ’اسين قصوروار ناهيون. هو انهيءَ ڪري تباهہ ٿيا آهن، جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، جيڪو سندن امن وَ خوشحاليءَ جي جاءِ ۽ سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.‘
8 # مڪا 18‏:4 اي بني اسرائيل وارؤ! بابل منجھان ڀڄي ٻاهر ٿيو. هائو، بابلين جي ملڪ منجھان انهيءَ ٻڪر وانگر جلدي نڪري وڃو، جيڪو ڪنهن جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڌڻ جي اڳيان نڪري هلندو ويندو آهي. 9ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو. 10سو بابل لٽجي ويندو ۽ انهيءَ جا سڀ لٽيندڙ مالا مال ٿي ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل جو زوال
11خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو،
اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ!
اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو.
اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.
12پر هاڻي اوهان جي قوم تمام خوار خراب ٿيندي.
اها قومن منجھہ سڀني کان حقير ڪئي ويندي،
۽ اوهان جو ملڪ بيابان، خشڪ زمين ۽ رڃ ٿي ويندو.
13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُهو وري آباد نہ ٿيندو،
بلڪ صفا ويران ٿي ويندو.
بابل وٽان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا
۽ ان تي آيل سڀيئي آفتون ڏسي دهلجي ويندا.
14اي تيراندازؤ!
اوهين سڀ بابل جي چوڌاري صفون ٻڌي بيهو.
مٿس تير وسايو ۽ ڪوبہ تير باقي بچائي نہ رکو،
ڇاڪاڻ تہ بابل وارن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.
15مٿن هر طرف کان هڪلون ڪريو،
انهن جا ڪوٽ قلعا ڀڃو ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪريو،
تڏهن هو اچي پيش پوندا.
بيشڪ اهو مون خداوند جو بدلو آهي،
سو اوهين بہ کانئن بدلو وٺو،
۽ جيئن هنن ٻين سان ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻن ڪريو.
16بابل ۾ ٻج پوکيندڙن توڙي لابارو ڪندڙن کي
سڄي ملڪ مان چٽ ڪري ڇڏيو،
انهيءَ لاءِ تہ منجھس ڪو فصل ئي نہ ٿئي.
ظالم جي تلوار جي ڊپ کان هنن مان هر ڪو پرديسي
پنهنجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽ ڪندو.
هائو، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويندو.“
بني اسرائيل جي واپسي
17بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا. 18تنهنڪري قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي اهڙي ئي سزا ڏيندس، جهڙي مون اشور جي شهنشاهہ کي ڏني هئي. 19پر آءٌ بني اسرائيل کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻيندس. پوءِ هو ڪرمل جبل ۽ بسن جي سرسبز علائقن جا فصل پيا کائيندا، بلڪ افرائيم ۽ جِلعاد جي علائقن ۾ هو خوشحالي پيا ماڻيندا. 20انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل خلاف خدا جو فيصلو
21 خداوند بابل جي دشمنن کي فرمائي ٿو تہ
”بابل ملڪ جي مراتايم ۽ فقود جي علائقن تي حملو ڪريو،
انهن جي رهاڪن کي قتل ڪري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو،
جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ئي ڪريو.
22اي بابل وارؤ! اوهان جي ملڪ ۾
جنگ ۽ وڏي تباهيءَ جو شور مچي ويندو.
23ڏسڻ وارا چوندا تہ
’سڄي دنيا کي ڀڃڻ وارو هٿوڙو
ڪيئن نہ پاڻ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو آهي!
ڏسو، بابل ملڪ ڪيئن نہ دنيا ۾
عبرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي!‘
24مون خداوند اوهان جي لاءِ ڪوڙڪي اڏي هئي،
جنهن ۾ اوهين ڦاٿا آهيو،
۽ انهيءَ جي اوهان کي خبر ئي نہ پئي.
هائو، مون اوهان کي آڻي ڦاسايو آهي،
ڇاڪاڻ تہ اوهان مون خداوند خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا.
25مون خداوند پنهنجي اسلح خاني جا در کوليا آهن،
۽ پنهنجي غضب جا هٿيار ڪڍي آندا اٿم،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند، قادرِمطلق خدا کي
اوهان بابلين جي ملڪ ۾ هڪ ڪم ڪرڻو آهي.
26اي بابل جا دشمنؤ!
اوهين هر طرف کان اچي بابل تي حملو ڪريو.
ان جي اناج جا گدام ڀڃي خالي ڪريو.
ملڪ کي ڊاهي ويران دڙا ڪري ڇڏيو.
هائو، ان کي لٽي ڦري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو،
جيئن منجھس ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.
27ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو.
ويل آهي انهن لاءِ!
ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“
28بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.
29 # مڪا 18‏:6 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن،
بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي
بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو.
بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو،
۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو.
جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو،
هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو.
جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان
سينو ساهيو آهي،
30تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ
بابل جا جوان مرد پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ ماريا ويندا،
هائو، ان جا سڀ جنگي جوڌا انهيءَ ڏينهن ماريا ويندا.“
31 خداوند قادرِمطلق خدا فرمائي ٿو تہ
”اي بابل جا مغرور رهاڪؤ! ياد رکو،
آءٌ اوهان جي خلاف آهيان،
اوهان جي برباديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي،
۽ هاڻي اوهان کي سزا ڏني ويندي.
32اي مغرور قوم وارؤ!
آءٌ اوهان کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس،
جو ڪوبہ اوهان جي مدد نہ ڪندو.
آءٌ اوهان جي شهرن ۾ اهڙي باهہ ٻاري ڇڏيندس،
جيڪا اوهان جي آس‌پاس وارين سڀني شين کي
ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
33اوهان اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن تي ظلم ڪيو آهي.
اوهين انهن کي قيد ڪري قابو ڪيو ويٺا آهيو،
۽ کين آزاد ڪونہ ٿا ڪريو.
34پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي،
۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان.
آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس.
آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس،
پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.
35آءٌ خداوند اوهان بابلين خلاف
هڪڙي اهڙي تلوار کڙي ڪندس،
جنهن کان اوهين،
اوهان جا امير توڙي ڏاها ماڻهو بہ بچي ڪين سگھندا.
36آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ
اها تلوار کڙي ڪندس،
جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن.
اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا،
۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.
37اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ
آءٌ تلوار کڙي ڪندس.
اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ
انهيءَ کان بچي نہ سگھندا،
بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا.
منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا،
بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.
38آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس،
تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو.
آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس
جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي،
۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.
39 # مڪا 18‏:2 سو رڻ‌پٽ جا جانور ۽ گدڙ اچي بابل ملڪ ۾ رهندا ۽ اهو چٻرن جي رهڻ جي جاءِ ٿي پوندو. اوهان جو ملڪ وري ڪڏهن بہ آباد نہ ٿيندو. هائو، انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو. 40#پيد 19‏:24‏-25 جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آس‌پاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
41 # ير 6‏:22‏-24 ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان
هڪڙي وڏي قوم ۽ ڪيترن ئي بادشاهن کي اٿاريو پيو وڃي،
يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.
42اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن.
اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي.
جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا،
تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي،
جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي.
اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا
اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.
43بابل جي بادشاهہ هنن جي هاڪ ٻڌي آهي،
ان ڪري سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا آهن.
کيس ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي
۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو اٿس.
44جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي بابلين کي اک ڇنڀ ۾ سندن شهر مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو اچي سگھي ٿو؟
45تنهنڪري مون خداوند بابل شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ بابل ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي. 46بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“

Currently Selected:

يرمياہ 50: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 50