Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 43

43
ماڻهن جو يرمياہ نبيءَ کي مصر ڏانهن وٺي وڃڻ
1جڏهن مون يرمياہ ماڻهن کي خداوند اسان جي خدا جون فرمايل اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي بس ڪئي، 2تڏهن عزرياہ ولد هوسعياہ، يوحنان ولد قريح ۽ ٻين سڀني هٺيلن ماڻهن مون کي چيو تہ ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! خداوند اسان جي خدا تو کي اسان لاءِ ائين ڪونہ چيو آهي تہ ’اوهين مصر ۾ رهڻ لاءِ هرگز نہ وڃو.‘ 3پر باروڪ ولد نيرياہ تو کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي بابلين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن هو اسان کي ماري ڇڏين يا وري اسان کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي وڃن.“
4اهڙيءَ طرح يوحنان، لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ ملڪ ۾ ئي رهي پوڻ واري خداوند جي حڪم کي نہ مڃيو. 5#2.با 25‏:26 اٽلندو يوحنان ۽ لشڪر جي سالارن يهوداہ جي انهن سڀني باقي بچيل ماڻهن کي پاڻ سان ساڻ کنيو، جيڪي انهن سڀني قومن مان يهوداہ ملڪ ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا، جتي کين هڪالي ڪڍيو ويو هو. 6هن انهن مردن، عورتن، ٻارن، بادشاهہ جي ڌيئرن ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ، جنهن کي بابلي محافظن جو سالار نبوزرادان گورنر جِدلياہ وٽ ڇڏي ويو هو، تن سان گڏ مون کي ۽ باروڪ ولد نيرياہ کي بہ ساڻ کنيو. 7سو هو خداوند جي نافرماني ڪندي مصر جي ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ تحفنيس شهر تائين اچي پهتا.
8تحفنيس شهر ۾ مون تي وري خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 9”تون وڏا وڏا پٿر کڻي تحفنيس واري فرعون جي محل جي دروازي جي سامهون رستي واري فرش ۾ يهوداہ وارن جي روبرو چوني سان هڻي ڇڏ. 10پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو. 11هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا. 12آءٌ مصر جي بت‌خانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو. 13سج ديوتا جو پوڄا گھر، جيڪو مصر ۾ آهي، تنهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل مجسما هو ڀڃي ڇڏيندو ۽ مصر جي بتخانن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.‘“

Currently Selected:

يرمياہ 43: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 43