Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 33

33
جلاوطنن جي واپسيءَ جو واعدو
1آءٌ يرمياہ جڏهن اڃا محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن خداوند جو فرمان ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو. 2خداوند جيڪو ڌرتيءَ جو خلقيندڙ، ان کي پنهنجي هٿن سان بڻائيندڙ ۽ ان جو قائم ڪندڙ آهي ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو فرمائي ٿو تہ 3”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي. 4ڏسو، هن شهر جي گھرن ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي محلاتن، جيڪي ڊاهي ڍير ڪيل آهن تن بابت آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ انهن جي بچاءَ لاءِ دِڪا ڊاهڻ ۽ جنگ ڪندڙن سان وڙهڻ فضول آهي. 5جيتوڻيڪ يروشلم وارا بابلين سان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهن، تہ بہ سندن گھر ۽ محل سندن ئي لاشن سان ڀرجي ويندا. هائو، انهن کي آءٌ پنهنجي قهر ۽ غضب سان ماري ڇڏيندس. شهر وارن جي تمام گھڻي بڇڙائيءَ جي ڪري مون هن شهر کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. 6تنهن هوندي بہ ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ انهيءَ کي وري اڏيندس ۽ ان جي رهاڪن کي بحال ڪندس. آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي بخشيندس ۽ کين دائمي امن ۽ سلامتي عطا ڪندس. 7آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن کي وري خوشحال بڻائيندس ۽ انهن کي اڳي وانگر نئين سر آباد ڪندس. 8آءٌ پنهنجي قوم کي سندس ڪيل سمورن گناهن کان پاڪ ڪندس. آءٌ سندس اهي سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هن منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي. 9تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“
10‏-11 # 1.توا 16‏:34، 2.توا 5‏:13، 7‏:3، عز 3‏:11، زب 100‏:5، 106‏:1، 107‏:1، 118‏:1، 136‏:1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ
’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي.
سندس شفقت لافاني آهي.‘
آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
12قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا. 13هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
14 # ير 23‏:5‏-6 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجو اهو واعدو پورو ڪندس، جيڪو مون اسرائيل توڙي يهوداہ جي رهاڪن سان ڪيو آهي.
15انهن ڏينهن ۾
آءٌ دائود جي نسل مان هڪڙو #33‏:15 سچار بادشاهہ پيدا ڪندس ڪن ترجمن ۾ لکيل آهي تہ ”سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس.“سچار بادشاهہ پيدا ڪندس،
جيڪو هر هنڌ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.
16انهن ڏينهن ۾
يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا ماڻهو محفوظ رهندا،
۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.
تڏهن يروشلم شهر هن نالي سان سڏبو تہ
خداوند اسان سان سچو آهي.‘
17 # 2.سم 7‏:12‏-16، 1.با 2‏:4، 1.توا 17‏:11‏-14 انهيءَ سبب جو مون خداوند اهو واعدو ڪيو آهي تہ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود جي نسل ۾ مردن جي کوٽ نہ ٿيندي. 18#ڳا 3‏:5‏-10 نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“
19پوءِ خداوند جو هي فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو تہ 20”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين، 21تهڙيءَ طرح اهو بہ ممڪن ناهي جو جيڪو عهد مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ٻڌو آهي سو ٽٽي پوي ۽ دائود جو ڪوبہ اولاد باقي نہ رهي جيڪو سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪري. ساڳيءَ طرح اهو بہ ناممڪن آهي جو منهنجو لاوين سان ٻڌل عهد ٽٽي سگھي ۽ منجھن ڪو ڪاهن نہ هجي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿئي. 22سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
23 خداوند جو هي فرمان پڻ مون يرمياہ تي نازل ٿيو تہ 24”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن. 25مون خداوند جهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات توڙي زمين ۽ آسمان جو هڪ اڻٽٽ نظام ۽ قاعدو قانون مقرر ڪيو آهي، 26تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“

Currently Selected:

يرمياہ 33: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 33