50
1 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم وارؤ!
جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو،
تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي.
پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟
جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا،
تڏهن مون اوهان کي
پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو.
مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو،
بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا.
هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي
اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
2جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس،
تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟
جڏهن مون اوهان کي سڏيو،
تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟
ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان،
جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟
ياد رکو،
آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان،
۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان.
ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري
ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.
3آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان،
جيئن ڪنهن جي مرڻ جي سوڳ ۾ کٿو ڍڪبو آهي.“
خداوند جي ٻانهي جو فرمانبرداري ڪرڻ
4 خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا،
انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ
ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان.
هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو،
۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري،
تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
5جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو،
تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو.
6 #
مت 26:67، مر 14:65 بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان،
۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان.
آءٌ بيعزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.
7جيئن تہ خداوند خدا منهنجو مددگار آهي،
تنهنڪري انهن جون بيعزتيون
مون کي ڪو نقصان پهچائي نہ ٿيون سگھن.
مون هر بيعزتيءَ کي برداشت ڪرڻ سکيو آهي،
۽ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪڏهن بہ شرمسار نہ ٿيندس،
8 #
رو 8:33-34
ڇاڪاڻ تہ منهنجي تصديق ڪندڙ منهنجي ويجھو آهي.
سو ڪير مون سان مقابلو ڪندو؟
ڪنهن ۾ همت آهي جو منهنجي خلاف الزام هڻي؟
جيڪڏهن ڪو آهي تہ ڀلي عدالت ۾ مون سان گڏجي هلي.
هائو، ڀلي هو سامهون اچي مون سان مقابلو ڪري.
9ڏسو، خداوند خدا منهنجو مددگار آهي،
پوءِ ڪير مون کي ڏوهاري قرار ڏيندو؟
ياد رکو، منهنجا سڀ مخالف نيست وَ نابود ٿي ويندا.
هائو، اهي تڏ کاڌل ڪپڙي وانگر ناس ٿي ويندا.
10اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو،
۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو،
جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو،
تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.
11پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو،
سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا.
خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي.
هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي.