Bible App logo
Search Icon

هوسيع 12

12
1اسرائيل وارا چرين جيان
هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن.
هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن.
اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين،
۽ ظلم ڪندا ٿا رهن.
اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا،
۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.
2بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن.
سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي
سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس.
هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.
3 # پيد 25‏:26 #پيد 32‏:24‏-26 يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي
پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو،
۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.
4 # پيد 28‏:10‏-22 هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو،
۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو.
پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي.
تنهن هوندي بہ
مون خداوند بيت‌ايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.
5 # خر 3‏:15 آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جنهن جو نالو خداوند آهي.
هائو، آءٌ اهو ئي قادرِمطلق خدا آهيان،
جنهن کي خداوند جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
6سو اي يعقوب جو اولاد!
اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو،
وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو،
۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.
7اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن،
جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي،
هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.
8اسرائيل وارا چون ٿا تہ
’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون.
انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي،
جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘
9 # لاو 23‏:42‏-43 پر ياد رکو، آءٌ مصر ملڪ کان وٺي
خداوند اوهان جو خدا آهيان،
هاڻي بہ آءٌ ئي وري اوهان کي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندس،
جيئن اوهين اڳ بيابان ۾ رهندا هئا.
10آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس،
۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس،
۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي
اوهان کي سمجھائيندو رهيس.
11پر جِلعاد جي علائقي ۾
اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي،
هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ
اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو.
اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن،
جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.
12 # پيد 29‏:1‏-20 يعقوب #12‏:12 ارام ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ملڪ جي ڪجھہ حصي تي مشتمل هو.ارام ملڪ ڏانهن ڀڳو،
هائو، اسرائيل اتي پنهنجي زال جي خاطر ٻانهو بڻيو،
۽ سهري جون رڍون چارڻ لڳو.
13 # خر 12‏:50‏-51 پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي
اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو،
هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي.
14پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري
مون کي سخت غصو ڏياريو آهي.
تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو.
اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن،
سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“

Currently Selected:

هوسيع 12: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in