YouVersion Logo
Search Icon

حجي 1

1
هيڪل جي نئين سر اڏاوت لاءِ حڪم
1 # عز 4‏:24‏–5‏:2، 6‏:14 فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت #1‏:1 يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ڏينهن ۾ يهوداہ ملڪ فارس جي شهنشاهت جو هڪ صوبو هو ۽ يهوياڪين بادشاهہ جو پوٽو زربابل انهيءَ جو گورنر مقرر ٿيل هو. يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.
2قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي. 3سو تون ماڻهن کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ 4’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟ 5سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو. 6اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي. 7سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي. 8هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو.
9اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو. 10اهو ئي سبب آهي جو آسمان مان برسات پوڻ بند ٿي ويئي آهي ۽ زمين پنهنجي پيداوار ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي. 11منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“
قوم جو خداوند جي حڪم تي عمل ڪرڻ
12تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو. 13تنهن کان پوءِ حجي نبيءَ ماڻهن کي خداوند جو ٻيو پيغام ٻڌايو تہ ”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“
14 خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو. 15اهو ڪم شهنشاهہ دارا جي حڪمرانيءَ جي ساڳئي سال، ساڳئي مهيني جي چوويهين تاريخ کان شروع ڪيو ويو.

Currently Selected:

حجي 1: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in