40
قيدين جا خواب ۽ يوسف جو تعبير
1ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ هڪڙي نانوائيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو. 2تنهنڪري فرعون پنهنجي ٻنهي عملدارن، وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو. 3پوءِ هن کين پهريدار سپاهين جي سالار جي گھر ۾، انهيءَ ساڳئي قيدخاني ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو جتي يوسف بند هو. 4پهريدارن جي سالار انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو. يوسف هنن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هو ڪجھہ وقت قيد ۾ رهيا. 5پوءِ انهن ٻنهي يعني مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ نانوائيءَ جيڪي قيد ۾ بند هئا، تن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. سندن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو. 6صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو پريشان آهن. 7تنهن تي کانئن پڇيائين تہ ”اڄ اهڙا پريشان ڇو آهيو؟“ 8هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“
9تڏهن وڏي ساقيءَ يوسف کي پنهنجو خواب ٻڌايو. کيس چيائين تہ ”مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي انگورن جي ول منهنجي سامهون آهي. 10انهيءَ ول ۾ ٽي ٽاريون هيون. جيئن ئي ان ٻور ڪيو تہ منجھس گل نڪتا ۽ ان جا ڇڳا ڦري پڪل انگور ٿي پيا. 11فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو، سو مون انگور کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙيا ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.“
12تڏهن يوسف کيس چيو تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن. 13ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تو کي آزاد ڪندو ۽ تو کي تنهنجو عهدو موٽائي ڏيندو. اڳي وانگر جيئن تون سندس ساقي هئين، تيئن تون وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين. 14پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ. 15حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“
16جڏهن وڏي نانوائيءَ ڏٺو تہ يوسف سٺو تعبير ٻڌايو آهي تڏهن يوسف کي چيائين تہ ”مون بہ خواب لڌو آهي، جنهن ۾ ڏسان ٿو تہ ٽي مانيءَ واريون ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن. 17سڀ کان مٿين ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا. پر پکين انهيءَ ٽوڪريءَ مان پئي کاڌو جيڪا منهنجي مٿي تي رکي هئي.“ 18يوسف چيس تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن. 19ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“
20هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو. 21هن وڏي ساقيءَ کي وري سندس اڳئين عهدي تي مقرر ڪيو، جنهن فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏنو. 22پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين. 23انهيءَ هوندي بہ وڏي ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، بلڪ کيس وساري ڇڏيائين.