YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 1

1
1هي خط مون پولس رسول جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ عيسيٰ مسيح ۽ پيءُ يعني خدا جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو. 2جيڪي ايمان وارا هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي ڪليسيائن ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن. 3شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي. 4مسيح اسان جي گناهن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو خدا اسان جي پيءُ جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي. 5شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
خوشخبري هڪڙي ئي آهي
6مون کي عجب ٿو لڳي تہ خدا جنهن اوهان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنهن کان اوهين ايترو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو، 7جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن. 8ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آسمان مان ڪو ملائڪ اچي ائين ڪري. 9جيئن اسان اڳي ئي چيو آهي تيئن آءٌ هاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي مليل خوشخبريءَ جي بدران ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي لعنت هجي.
10آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر خدا کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو ٻانهو نہ هجان ها.
پولس ڪيئن رسول بڻيو
11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻڌائي آهي، سا انساني سوچ مان ٺهيل نہ آهي. 12هائو، اها خوشخبري مون کي ڪنهن انسان کان نہ ملي آهي، نڪي ڪنهن مون کي سيکاري آهي. پر عيسيٰ مسيح پاڻ ظاهر ٿي اها منهنجي حوالي ڪئي آهي.
13 # رس 8‏:3، 22‏:4‏-5، 26‏:9‏-11 اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. 14#رس 22‏:3 آءٌ يهودي مذهب جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي مذهبي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.
15 # رس 9‏:3‏-6، 22‏:6‏-10، 26‏:13‏-18 پر خدا پنهنجي فضل سان مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي خدمت لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان 16پنهنجي فرزند کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي، 17نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن رسولن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس. 18#رس 9‏:26‏-30 پوءِ آخرڪار ٽئين سال آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرهن ڏينهن ساڻس گڏ رهيس. 19اتي مون خداوند عيسيٰ جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين رسولن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.
20جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان تن بابت خدا کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ بلڪل سچيون آهن.
21تنهن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس. 22ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون ڪليسيائون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي. 23پر انهن ڪليسيائن وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ ايمان واري خوشخبريءَ جي تبليغ ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“ 24سو اهي منهنجي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا هئا.

Currently Selected:

گلتين 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in