20
شريعت جا ڏهہ حڪم
(شريعت جو دور 5:1-21)
1پوءِ خدا هي سڀ ڳالهيون فرمايون تہ 2”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.
3مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
4 #
خر 34:17، لاو 19:4، 26:1، شر 4:15-18، 27:15 اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي. 5#خر 34:6-7، ڳا 14:18، شر 7:9-10 اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان. 6پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.
7 #
لاو 19:12
اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.
8 #
خر 16:23-30، 31:12-14 اوهين #20:8 سبت يعني آرام جو ڏينهن.سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 9#خر 23:12، 31:15، 34:21، 35:2، لاو 23:3 ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو. 10پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو. 11#پيد 2:1-3، خر 31:17 مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.
12 #
شر 27:16، مت 15:4، 19:19، مر 7:10، 10:19، لو 18:20، اف 6:2،3 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.
13 #
پيد 9:6، لاو 24:17، مت 5:21، 19:18، مر 10:19، لو 18:20، رو 13:9، يع 2:11 اوهين خون نہ ڪريو.
14 #
لاو 20:10، مت 5:27، 19:18، مر 10:19، لو 18:20، رو 13:9، يع 2:11 اوهين زنا نہ ڪريو.
15 #
لاو 19:11، مت 19:18، مر 10:19، لو 18:20، رو 13:9 اوهين چوري نہ ڪريو.
16 #
خر 23:1، مت 19:18، مر 10:19، لو 18:20 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
17 #
رو 7:7، 13:9 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“
ماڻهن جو ڊڄڻ
(شريعت جو دور 5:22-33)
18 #
عبر 12:18-19
پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا. 19هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“ 20موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“ 21پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.
قربانگاهہ بابت قانون
22پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون خداوند، آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي. 23اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو. 24اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس. 25#شر 27:5-7، يش 8:31 جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ پٿر جي قربانگاهہ ٺاهيو، تہ گھڙيل پٿر جي نہ ٺاهجو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين پٿر تي ڇيڻي وهائيندا تہ انهيءَ کي ناپاڪ ڪري وجھندا. 26منهنجي قربانگاهہ تي اوهين ڏاڪڻ تي چڙهي نہ وڃجو، متان اوهان جي اوگھڙ انهيءَ تي ظاهر ٿئي.‘“