YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 4

4
مسيح جي بدن ۾ هيڪڙائي
1تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو. 2#ڪل 3‏:12‏-13 مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو. 3جيئن تہ پاڪ روح اوهان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري دل سان ڪوشش ڪريو تہ هڪٻئي سان ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ وسيلي ٻڌل رهو. 4ڏسو، هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو. 5هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي. 6هڪڙو ئي خدا آهي، جيڪو سڀني جو پيءُ آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.
7 # 1.ڪر 12‏:11 انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا فضل عطا ڪيو آهي. 8#زب 68‏:18 انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو،
تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو،
۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“
9هاڻي مسيح جي مٿي چڙهي وڃڻ جو مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو هيٺ زمين تي بہ لٿو. 10هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو سڀني آسمانن کان مٿي عرش عظيم تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان توڙي زمين کي پاڻ سان ڀرپور ڪري.
11مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين. 12مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهو خدمت جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس بدن يعني ڪليسيا جي ترقيءَ جو سبب بڻجن. 13ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون، 14تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون. 15پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو ڪليسيا جو مٿو آهي. 16#ڪل 2‏:19 انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.
پراڻي ۽ نئين فطرت
17جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو. 18اهڙي زندگي گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي. 19اهي ايترا تہ بي‌شرم ٿي چڪا آهن جو پاڻ کي عياشيءَ جي حوالي ڪيو اٿن. اهڙيءَ طرح هو هر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رهن ٿا.
20پر مسيح کي اوهان اهڙو ڪين ڄاتو آهي. 21اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي. 22#ڪل 3‏:9 اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو 23۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو. 24#پيد 1‏:26، ڪل 3‏:10 ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا خدا ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ سان پيدا ڪيل آهي.
نئين فطرت جو عمل
25 # زڪ 8‏:16 تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون. 26#زب 4‏:4 جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي. 27ابليس کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو. 28چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي. 29اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي. 30انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا. 31هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو. 32#ڪل 3‏:13 هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.

Currently Selected:

اِفسين 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in