اِفسين 22:4-24
اِفسين 22:4-24 SB
اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو. ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا خدا ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ سان پيدا ڪيل آهي.






