2
نبوڪدنضر جو مورتيءَ وارو خواب
1پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس. 2#پيد 41:8 تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، نجومين، فال وجھندڙن ۽ سندن اڳواڻن رملين کي سڏيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اهي سندس خواب جو تعبير ڪن. جڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا، 3تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي. هاڻ جيستائين انهيءَ خواب جو تعبير معلوم نہ ٿو ٿئي تيستائين منهنجي دل پريشان آهي.“ 4تڏهن رملين بادشاهہ کي چيو تہ ”#2:4 اي بادشاهہ! هتان 2:4 کان 7:28 تائين وارو متن بابل جي سرڪاري ٻولي اراميءَ ۾ لکيل آهن، باقي سڀ عبرانيءَ ۾ لکيل آهي.اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. اوهين پنهنجي ٻانهن کي اهو خواب ٻڌايو، تہ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“ 5بادشاهہ رملين کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ جيڪڏهن اوهين پاڻ مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني کي وڍائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيندس ۽ اوهان جا گھر ويران دڙا ڪرائي ڇڏيندس. 6پر جي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائيندا، تہ آءٌ اوهان کي تحفا، انعام ۽ وڏي عزت عطا ڪندس. سو هاڻي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌايو.“
7هنن ٻيو ڀيرو عرض ڪندي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهن کي رڳو اهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“ 8پر بادشاهہ چيو تہ ”پڪ سان اوهين نٽايو ٿا ۽ وڌيڪ وقت انهيءَ ڪري وٺڻ ٿا گھرو، جو ڄاڻو ٿا تہ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ 9جيڪڏهن اوهين مون کي اهو خواب نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني لاءِ فقط اها ئي سزا آهي. اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڪندو رهڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ جيئن ڀلي وقت ٽري وڃي. تنهنڪري اوهين ضرور مون کي خواب ٻڌايو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اوهين انهيءَ جو تعبير بہ بيان ڪري سگھندا.“ 10رملين بادشاهہ کي ورندي ڏيئي عرض ڪيو تہ ”روءِزمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائي سگھي. ڪنهن بہ بادشاهہ، پوءِ اهو ڪيڏو بہ وڏو ۽ طاقتور ڇو نہ هجي، تنهن اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر يا نجوميءَ يا رمليءَ کان ڪڏهن بہ ڪين پڇي آهي. 11جيڪا ڳالهہ بادشاهہ پڇي ٿو سا تمام مشڪل ڳالهہ آهي. اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو بادشاهہ جي اڳيان اها بيان ڪري سگھي، سواءِ معبودن جي، جيڪي انسان سان گڏ نہ ٿا رهن.“ 12انهيءَ ڳالهہ تي بادشاهہ ايڏو تہ چڙي پيو جو سخت ڪاوڙ وچان حڪم ڪيائين تہ ”بابل جي سڀني عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“ 13اهڙيءَ طرح اهو حڪم جاري ٿي ويو تہ ”عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“ تڏهن دانيال ۽ سندس ٽنهي ساٿين جي بہ ڳولا ٿيڻ لڳي، تہ جيئن کين بہ قتل ڪيو وڃي.
خدا جو دانيال کي تعبير ٻڌائڻ
14تڏهن دانيال نهايت سمجھہ ۽ سياڻپ سان شاهي پهريدارن جي سالار اريوڪ سان ڳالهايو، جيڪو بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. 15هن اريوڪ کان پڇيو تہ ”بادشاهہ اهڙو سخت حڪم ڇو جاري ڪيو آهي؟“ تڏهن اريوڪ دانيال کي سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. 16تنهن تي دانيال بادشاهہ کان ڪجھہ مهلت ورتي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو سندس حضور ۾ تعبير بيان ڪري سگھي.
17پوءِ دانيال پنهنجي گھر ويو ۽ پنهنجي سنگتين حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي اهو احوال ٻڌايائين. 18هن کين تاڪيد ڪيو تہ هو عرش عظيم واري خدا کي انهيءَ راز جي باري ۾ رحم لاءِ ٻاڏائين، تہ جيئن دانيال ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين عالمن سميت قتل ٿيڻ کان بچي وڃن. 19تڏهن انهيءَ ئي رات رويا ۾ دانيال تي اهو راز کوليو ويو ۽ دانيال عرش عظيم واري خدا جي واکاڻ ڪندي 20چيو تہ
”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي،
ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.
21هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري،
هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو،
هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.
22جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن،
تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو.
جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو،
ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.
23اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا!
آءٌ تنهنجو شڪر ۽ واکاڻ ٿو ڪريان،
ڇوجو تو مون کي ڏاهپ ۽ سگھہ عطا ڪئي آهي.
اسان جيڪي تو کان چاهيو سو ئي تو مون کي ٻڌائي ڇڏيو،
هائو، بادشاهہ وارو پورو معاملو تو اسان تي ظاهر ڪيو آهي.“
دانيال جو بادشاهہ کي سندس خواب ۽ تعبير ٻڌائڻ
24تنهن بعد دانيال اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. دانيال وڃي هن کي چيو تہ ”بابل جي عالمن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ کيس تعبير ٻڌايان.“
25تڏهن اريوڪ هڪدم دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ بادشاهہ کي چيائين تہ ”يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندل ماڻهن مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي، جيڪو بادشاهہ سلامت کي تعبير ٻڌائيندو.“ 26دانيال، جنهن کي بابل ۾ بيلطشضر جي نالي سان سڏيو ويندو هو تنهن کان بادشاهہ پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ مون کي اهو خواب، جيڪو مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائي سگھندين؟“ 27دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا. 28پر عرش تي هڪ خدا آهي، جيڪو ڳُجھين ڳالهين کي ظاهر ٿو ڪري، تنهن ئي توهان بادشاهہ سلامت کي اها ڳالهہ ڄاڻائي آهي تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. هاڻي آءٌ توهان کي توهان جو خواب يعني اها رويا جيڪا توهان پنهنجي پلنگ تي سمهندي ڏٺي، سا ٻڌايان ٿو.
29اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. جڏهن توهان پلنگ تي ستل هئا، تڏهن توهان جي دل ۾ مستقبل جا خيال ڊوڙايا ويا. ان وقت خدا جيڪو ڳُجھن کي کوليندڙ آهي، تنهن توهان کي خواب ۾ ڄاڻايو تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ڇا ٿيندو. 30هاڻ مون تي اهو راز انهيءَ لاءِ ظاهر نہ ڪيو ويو آهي تہ آءٌ ڪو ٻين جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ سياڻو آهيان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ توهان کي انهيءَ جو تعبير ٻڌايو وڃي ۽ توهان پنهنجي دل جي خيالن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھو.
31اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. توهان پنهنجي رويا ۾ ڏٺو تہ هڪڙي وڏي مورتي آهي، جيڪا توهان جي اڳيان بيٺي آهي. اها مورتي تمام قداور، بيحد تجليدار ۽ هيبتناڪ هئي. 32انهيءَ مورتيءَ جو مٿو نج سون جو هو، انهيءَ جو سينو ۽ ٻانهون چانديءَ جون هيون ۽ انهيءَ جو پيٽ ۽ رانون پتل جون هيون. 33انهيءَ جون ٽنگون لوهہ جون ۽ پير ڪجھہ لوهہ جا ۽ ڪجھہ ٺڪر جا هئا. 34جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. 35تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِزمين کي ڀري ڇڏيائين.
36اهو ئي توهان جو خواب هو ۽ هاڻي آءٌ بادشاهہ جي حضور ۾ انهيءَ جو تعبير بيان ڪندس. 37اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي. 38ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو. 39توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي. 40انهيءَ کان پوءِ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا لوهہ جهڙي مضبوط هوندي. جهڙيءَ طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ٿو ڪري ۽ انهن کي چپي ٿو ڇڏي، تهڙيءَ طرح اها شهنشاهت بہ ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري چپي ڇڏيندي. 41جهڙيءَ طرح توهان ڏٺو تہ مورتيءَ جا پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجھہ ٺڪر جون ۽ ڪجھہ لوهہ جون هيون، تيئن اها بہ ورهايل شهنشاهت هوندي. تنهن هوندي بہ انهيءَ ۾ ڪجھہ لوهہ جهڙي مضبوطي هوندي، ڇو تہ ٺڪر سان لوهہ گڏيل هو. 42جيئن تہ پيرن جون آڱريون ڪجھہ لوهہ جون ۽ ڪجھہ ٺڪر جون هيون، تنهن جو مطلب آهي تہ اها شهنشاهت بہ ڪجھہ زور واري ۽ ڪجھہ ڪمزور هوندي. 43جيئن توهان ڏٺو تہ لوهہ ٺڪر سان گڏيل هو، تنهن جو مطلب آهي تہ انهيءَ جي حڪمرانن جو تخم پاڻ ۾ گڏجي سڏجي تہ ويندو، پر اهي هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ سگھندا، جيئن لوهہ ۽ ٺڪر هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ ٿا سگھن.
44-45توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.
سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“
بادشاهہ جو دانيال کي نوازڻ
46تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري دانيال آڏو سجدو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي نذرانو ڏنو وڃي ۽ سندس آڏو لوبان ساڙيو وڃي.“ 47پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“ 48پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس. 49تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو.