YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 4

4
1ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون!
اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو،
هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري
کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو،
۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ
”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“
اوهين هي فرمان ٻڌو.
2 خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي تہ
اوهان تي اُهي ڏينهن ضرور ايندا،
جڏهن اوهان کي ڪُنڍا وجھي گهليو ويندو.
هائو، اوهان مان هر هڪ
ڪنڍين ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پئي ڦٿڪندي.
3اوهان مان هر ڪا ڪوٽ جي سامهون واري ڏرڙ منجھان
ڇڪي ٻاهر ڪڍي ويندي،
۽ اوهان کي حرمون جبل ڏانهن هڪاليو ويندو.
اهو خداوند جو فرمان آهي.
اسرائيل وارن جو نافرمانيءَ تي ضد
4خداوند ٿو فرمائي تہ
”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيت‌ايل ۽ جِلجال
جي عبادت‌گاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو،
ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو،
۽ هر ٽئين ڏينهن تي
اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو.
5ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني
روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو.
ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو.
اي اسرائيل وارؤ!
ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو،
ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن.
6پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ
جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو،
تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.
7جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا،
تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو.
مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم.
هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو،
پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.
8ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي
پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا،
پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون.
تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.
9مون ڪيترائي دفعا اوهان جي فصلن کي
سينوَر ۽ رتيءَ جي بيمارين سان سَٽيو.
اوهان جا گھڻا ئي باغ،
مثال طور انگورن، انجيرن ۽ زيتونن جا باغ،
ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا.
تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.
10مون اوهان ۾ وبا موڪلي،
جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم.
اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم،
اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم،
۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ
اوهان جي ناسن تائين آندم.
تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.
11 # پيد 19‏:24 مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو،
جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم،
۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو،
جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي.
تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
12تنهنڪري اي اسرائيل وارؤ!
آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ سزا ڏيندس.
سو اوهين منهنجي فيصلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو.
13ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي،
جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو،
جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي،
جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي،
انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“

Currently Selected:

عاموس 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in