YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 15

15
طهر بابت يروشلم ۾ گڏجاڻي
1 # لاو 12‏:3 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ مسيح تي ايمان رکندڙن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي شريعت موجب طهر نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي ڇوٽڪارو ملي نہ سگھندو.“ 2پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن.
3تنهن تي انطاڪيا جي ڪليسيا وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي ايمان وارن کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ ڪليسيا وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود رسولن سميت سندن استقبال ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو خدا هنن جي وسيلي ڪيو هو. 5پر جن فريسين ايمان آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو طهر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي شريعت تي هلن.“
6تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. 7#رس 10‏:1‏-43 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي خبر آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو پيغام ٻڌي ايمان آڻين. 8#رس 2‏:4، 10‏:44 خدا جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پاڪ روح نازل ڪرڻ سان سندن ايمان آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي. 9هن ايمان جي وسيلي سندن دلين کي بہ پاڪ ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي. 10تہ پوءِ اوهين خدا کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي ايمان آڻيندڙن تي شريعت جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟ 11جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر خداوند عيسيٰ جي فضل سان مٿس ايمان آڻڻ تي ئي ڇوٽڪارو ملي ٿو.“
12پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ معجزا ڪيا. 13جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن #15‏:13 يعقوب هي انهيءَ وقت يروشلم واري ڪليسيا جو هڪ اڳواڻ هو، جيڪو گھڻو ڪري خداوند عيسيٰ جو ڀاءُ هو.يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو. 14شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن خدا غير قومن تي پنهنجي فضل جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي. 15ساڳيءَ طرح نبين جي پاڪ لکت بہ انهيءَ سان ٺهڪي ٿي اچي، جنهن ۾ خداوند فرمايو آهي تہ
16 # عا 9‏:11‏-12 ’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي
دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس.
هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،
17انهيءَ لاءِ تہ باقي بني آدم
يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن،
سي مون خداوند جون طلبگار ٿين.
18هي آءٌ خداوند چوان ٿو،
جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“
19يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي راءِ آهي تہ غير قومن مان جيڪي سچي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. 20#خر 34‏:15‏-17، لاو 17‏:10‏-16، 18‏:6‏-23 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين. 21انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادت‌خانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“
مسيح تي ايمان رکندڙ غير قومن ڏانهن خط
22پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي. 23انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ
غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن. 24اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون. 25تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون. 26اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي. 27انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا. 28پاڪ روح ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون 29تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي.
شل سدائين سلامت رهو.“
30پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون. 31جڏهن هنن اهو خط پڙهيو تہ انهن همتائيندڙ ڳالهين تي هو خوش ٿيا. 32يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ خدا جو پيغام ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن ايمان وارن کي همتايو ۽ سندن ايمان مضبوط ڪيو. 33‏-34هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ ايمان وارن خير وَ سلامتيءَ جي دعا ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو.#15‏:33‏-34 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: پر سيلاس اتي ئي رهڻ مناسب سمجھيو.
35جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت خداوند جي پيغام جي تعليم ڏيندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رهيا.
پولس جو ٻيو تبليغي سفر
(15‏:36‏–18‏:22)
(برنباس ۽ پولس ۾ جدائي)
36ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“ 37برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون. 38#رس 13‏:13 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ تبليغ جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو. 39انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، 40جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ ايمان وارن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو. 41پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي ڪليسيائن کي ايمان ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 15: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in