YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 12

12
يروشلم جي ڪليسيا کي وڌيڪ ستائڻ
1انهن ڏينهن ۾ يهوديہ جي بادشاهہ #12‏:1 هيروديس اگرپا هي هيروديس اعظم جو پوٽو هو. هن جي نہ رڳو يهوديہ صوبي تي پر اتر طرف شام صوبي تائين روم جي طرفان حڪومت هئي.هيروديس اگرپا ڪليسيا جي ڪن ماڻهن کي ستائڻ شروع ڪيو. 2هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو. 3جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا. 4#خر 12‏:1‏-27 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري. 5جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.
پطرس جو جيل مان آزاد ٿيڻ
6جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو. 7تڏهن اوچتو ئي خداوند جو هڪڙو ملائڪ ظاهر ٿيو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلهي تي هٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اُٿ.“ هڪدم هٿڪڙيون سندس هٿن مان ٽٽي ڪري پيون. 8پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنهنجو جبو پاءِ ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.“ 9سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“ 10اهي پهرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار هو انهيءَ لوهي دروازي وٽ اچي پهتا، جيڪو شهر ڏانهن کُليو ٿي. دروازو هنن لاءِ پاڻ ئي کُلي پيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيا. اهي شهر جي هڪ گھٽيءَ مان هلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي هليو ويو.
11جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“
12اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعائون گھري رهيا هئا. 13جڏهن پطرس ٻاهران در کڙڪايو تڏهن رُدي نالي هڪ نوڪرياڻي در تي آئي 14۽ پطرس جو آواز سڃاڻي خوشيءَ وچان در کولڻ بدران اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آهي.“ 15تنهن تي هنن چيس تہ ”چري ٿي ويئي آهين ڇا؟“ پر هوءَ وري بہ يقين سان چوندي رهي تہ اهو سچ آهي. تڏهن اهي چوڻ لڳا تہ ”پڪ سان اهو سندس ڪو ملائڪ هوندو.“ 16پطرس در کڙڪائيندو رهيو ۽ جڏهن هنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا. 17پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ #12‏:17 يعقوب هي يوحنا جو ڀاءُ نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کي اڳ ئي قتل ڪيو ويو هو، ڏسو رسولن جا ڪم 12‏:2، پر هي گھڻو ڪري خداوند عيسيٰ جو ڀاءُ آهي.يعقوب ۽ ٻين ايمان وارن کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو.
18جڏهن صبح ٿيو تہ سپاهين ۾ ڏاڍو ٿرٿلو پئجي ويو تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟ 19هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هيروديس اگرپا جو موت
ان کان پوءِ هيروديس بادشاهہ يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو. 20جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.
21سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري شاهاڻي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو. 22تنهن تي ماڻهو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو انسان تہ نہ، پر خدا ٿو ڳالهائي.“ 23انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.
24جڏهن تہ مسيح بابت خدا جو پيغام وڌندو ۽ پکڙبو ويو. 25هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو خدمت وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 12: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in